تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

رتيديري ۾ ايڊز جي مريضن جي چڪاس لاءِ صحت کاتي جي ٽيم پهتل: مريضن جا انگ اکر به گڏ ڪيا پيا وڃن

تعلقه اسپتال ۾ ٻن ڏينهن تائين ايڊز جي مريضن جي چڪاس ڪئي ويندي: اختياريون

رتوديرو (رپورٽ: فرمان ڀٽو) رتوديرو ۾ ايڊز جو مرض تيزيءَ سان پکڙجڻ بعد صحت کاتي جون ٽيمون حرڪت ۾ اچي ويون. تعلقي اسپتال ۾ ڪئمپ قائم ڪري ايڊز جي مريضن جي چڪاس ڪئي پئي وڃي. رتيديري ۾ ايڊز جي وبائي صورت اختيار ڪرڻ بعد صحت کاتي جي ٽيم پهچي وئي، ڊي ايڇ او لاڙڪاڻو عبدالرحمان بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ايڇ آءِ وي جي مريضن جي چڪاس لاءِ ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، ايڊز جي مريضن جي چڪاس لاءِ ڪراچي کان ٽيم پهتل آهي، جيڪا مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ ايڊز جي مريضن جي چڪاس ڪري رهي آهي، اختيارين جو چوڻ آهي ته رتوديرو اسپتال ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين قائم تي مريضن جي چڪار جو سلسلو جاري رهندو. اختيارين جو چوڻ آهي ته مريضن کي طبي ٽيسٽ جي ڪجهه دير کانپوءِ نتيجو ٻڌائي رهيو آهي، اُن کانسواءِ ايڊز مريضن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ سان گڏ ڪارڻ به معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

Bookmark the permalink.