تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

رتوديرو ۾ پوليس اهلڪار موبائل ڦورو نڪتو: اين سي داخل، گرفتاري بعد آزاد:ڦر ٿيل موبائل سندس ماسات وٽان هٿ

رتوديرو (ن پ ا) گرڊ اسٽيشن محلي جي رھواسي پورھيت نظير گھانگھرو پنھنجي پٽ ذيشان گھانگھرو سميت پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. سندس چوڻ هو ته گذريل رات سندس پٽ کان پوليس اهلڪار بلاول بوزدار ۽ سندس ماسات تشدد بعد موبائل فون ۽ 600 رپيا روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويو . نينگري جي اطلاع تي برادري جا ماڻهو ٿاڻي تي پهچي ڌرڻو هنيو ته پوليس اهلڪار کي بچائڻ لاءِ سرگرم ٿي وئي جنهن تي زور بعد اهڪار مٿان اين سي داخل ڪري ظاهري گرفتار ڪئي وئي. پوليس جاچ بعد موبائل فون پوليس اهلڪار جي ماسات کان برآمد ڪئي جنهن واقعي جو اعتراف ڪيو ته موبائل فون پوليس اهلڪار بلاول بوزدار ڦر ڪئي آهي. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي مسعود بنگش کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

Bookmark the permalink.