تازا ترين
  • *جيڪب آباد: مهڪ ڪماري جي ننڍي ۾ عمر ۾ شادي ڪرائڻ جو ڪيس داخل*
  • *قبضا مافيا کي ڪير ڪجهه نٿو چوي، پر عوامي مفادن لاءِ ڪم ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ٿيندا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ*
  • *پ پ اڳواڻ سردار چانڊيو ۽ برهان چانڊيو خلاف انڪوائري مڪمل: جوابدارن جي عبوري ضمانت ۾ واڌ*
  • رستم ڀرسان ڪارنهن تهمت هيٺ عورت قتل، لاش گم،2 گرفتار*ڳوٺ سردار خادم جتوئي ڀرسان 15 ڏينهن اڳ ڀاءُ پنهنجي ڀيڻ سبحان خاتون کي قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو*
  • ڪورونا وائرس:چين ۾فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو*هن وقت تائين 2004 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، متاثرن جو انگ 74 هزار کان وڌيڪ آهي: چين*

رتوديرو ۾ ايچ آءِ وي سبب 2 ٻار فوت: ٻن ٻارن کي وائرس ظاهر

رتوديرو (رپورٽ: فرمان عبدالله ڀٽو) رتيديري ايچ آءِ وي متاثر 2 ٻارڙا فوت، اسڪريننگ دوران وڌيڪ 2 ٻارڙن کي وائرس جي تصديق. رتيديري ۽ آسپاس ۾ ايچ آءِ وي تي اڃا تائين ضابطو نه اچي سگهيو آهي. گذريل ڏينهن ڳوٺ پوٺو مرکياڻي ۾ 3 سالن جو محمد عمر ولد شڪيل ابڙو، جڏھن ته ڳوٺ مير محمد جلباڻي ۾ 5 سالن جو عبدالحفيظ ولد ڌڻي بخش جلباڻي ايچ آءِ وي وگھي فوت ٿي ويا. فوتي عبدالحفيظ جي والد ٻڌايو ته پٽ جو رتوديرو ايچ آءِ وي سينٽر تي علاج ھلندڙ ھو، طبعيت وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب 4 ڏينھن اڳ کيس لاڙڪاڻي اسپتال داخل ڪرايو، پر طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو ۽ هو فوت ٿي ويو. ٻئي طرف گذريل ڏينهن تعلقي اسپتال ۾ قائم بلڊ اسڪريننگ ڪئمپ تي 20 ڄڻن جي رت جي چڪاس ڪئي وئي، جنھن مان 2 معصوم ٻارڙن ۾ ايچ آءِ وي وائرس ھجڻ جي تصديق ٿي. 6 مھينن دوران 36 ھزار 904 ڄڻن جي رت جي چڪاس ٿي چڪي آهي. جن مان 925 معصوم ٻارڙن ۽ 235 وڏي عمر جي عورتن ۽ مردن کي وائرس ظاهر ٿيو آهي. جڏهن ته فوتين جو انگ41 ٿي ويو آهي.

Bookmark the permalink.