تازا ترين
  • ٺٽي ۾ بتيءَ جي باهه گهر اُجاڙي ڇڏيو: ڪکائين گهر کي باهه: ماءُ، ڌيءُ ۽ معصوم پُٽ سڙي فوت: 2 ڄڻا زخمي*ڳوٺ محمد حسن مندو ۾ پورهيت نظام منڇريءَ جي ڪکائين گهر کي بتيءَ مان باهه لڳي، ڏسندي ئي ڏسندي سڄو گهر سڙي ويو* مسمات شبانا، سندس 5 سالن جو پُٽ حسنين ۽ 7 ورهين جي ڌيءُ سهانا سڙي فوت ٿي ويون: مسمات صفوران ۽ سندس پُٽ زخمي*
  • نصيرآباد: نيب طرفان سيل ڪيل ڪڻڪ جي گدام مان سوين ٻوريون چوري، پوليس لاتعلق بڻيل*

رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ )رتوديرو ڀرسان هڪ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي. پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو ذهني تواز ٺيڪ ناهي. رتوديرو شهر ويجهو باءِ پاس وٽان لڳ ڀڳ 40 ورھين جي عورت کي لاوارث حالت ۾ ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڪيو، پوليس پھچي عورت کي هٿ ڪيو ۽ لاڙڪاڻي جي وومين ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. رتوديرو پوليس جو چوڻ آهي ته عورت پنهنجو نالو ياسمين مغل پٺاڻ ۽ شهر راولپنڊي جي ٻڌائي رھي آھي، سندس ذھني توازن درست نه آهي. وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او ياسمين چانڊيو سان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته لاوارث حالت ۾ هٿ آيل عورت جي وارثن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي، کيس في الحال خدمت معصوم ويلفيئر جي باني انور کوکر حوالي ڪيو ويو، وارث ملڻ تائين عورت ٽرسٽ ۾ رهندي.



Bookmark the permalink.