تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

راڻيپور ٽائون ملازمن کي پگهارون نه مليون، قلم ڇڏهڙتال

راڻيپور(ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي راڻيپور جي ملازمنن پاران ٻن مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف قلم ڇڏ هڙتال ڪم ڇڏ هڙتال شھر گندگي جي ور چڙھي ويو تفصيل موجب ٽائون ڪاميٽي راڻيپور جي ملازمن جون ٻن مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف حيدربخش ملاح، غلام رسول مڱڻھار، سڄڻ ملاح، قربان ميمڻ، شھمير شيخ ۽ رياض وساڻ جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٻن مهينن کان پگهارون نه ڏنيون ويون آھن جنهن سبب اسان جي ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، اي سي سوڀوديرو ۽ ٽائون انتظاميا سان ذاتي رنجشن جي ڪري اسان ملازم پگهارن کان محروم آھيون، اسان مجبور ٿي ڪري بک هڙتالي ڪئمپ قائم ڪئي آھي اسان سان گڏ رٽائر ملازم سينٽري ورڪر پڻ بک هڙتال تي گڏ آھي جيستائين اسان جا جائز مطالبا پگهارون پينشن اسان کي نٿيون ڏنيون وڃن تيستائين اسان جي هڙتال جاري رهندي هنن ايم پي اي احمد رضا شاھ کي اپيل ٿا ڪيون ته اسان کي پگهارون ڏياري بدحالي کان بچايو وڃي.

Bookmark the permalink.