تازا ترين
  • *حيدرآباد ڀرسان مبينا قتل ڪيل نوجوان جي وارثن لاش شيخ ڀرڪيو روڊ تي رکي ڌرڻو*
  • *ڏهرڪي لڳ ڊاٽسن جو ٽرالر سان ٽڪر، 3 واپاري زخمي،8 ٻڪريون مري ويون*
  • *ڄامشوري مان 18 ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل قومپرست اڳواڻ جاويد شورو آزاد ٿي گهر پهچي ويو*
  • *پني عاقل ويجهو خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 4 گهر سڙي ويا، اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو*
  • *بخشاپور: روهڙي کان پٿر کڻي ايندڙ ٻه ڊمپر ڊرائيورز ۽ ڪلينر اغوا*
  • *سيراڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات، نانگ ۽ بلائون ٻرن مان نڪري آيون*

راڌڻ ۾ پلال سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي کي تارن مان باهه، پورهيت سڙي زخمي

راڌڻ (ن پ ا) راڌڻ ميھڙ روڊ تي سوئي گيس اسٽاپ وٽ پلال سان ڀريل ٽرالي بجلي جي يارنھن ھزار تارن سان ٽڪرائجڻ سبب پلال کي باھ لڳي وئي، جنھن ۾ ھڪ پورھيت آصف پٽ سومر سولنگي ويٺل نئون ڳوٺ سڙي شديد زخمي ٿي پيو، جنھن کي ٿرڙي محبت رورل ھيلٿ سينٽر آندو ويو، جتي حالت خراب ھجڻ سبب لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن ٻڌايو وڃي ٿو ته نئون ڳوٺ جا چار پورھيت پلال کڻي وڃي رھيا ھئا ته بجلي جون تارون ھيٺ ھجڻ سبب ھڪ پورھيت تارن سان وچڙڻ سبب ان کي باھ لڳي.

Bookmark the permalink.