تازا ترين
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 3 ڄڻا فوت، انگ وڌي 45 ٿي ويو، 28 سئو کان وڌيڪ متاثر*
  • *پاڪستان جي وڏ وڙائي: ڪراچي جي حدن ۾ ڦاٿل ٻن ڀارتي جهازن کي دڳ ڏيکاري ڇڏيو*
  • *گهارو: غريب آباد پاڙي واسي هڪ ئي ڪٽنب جا ٽي ڀاتي ڪورونا وائرس جي شڪ ۾ قرنطينه منتقل*

راشد مورائي سنڌ کي سجاڳ ڪندڙ هو، ڪڏهن نه وسرندو: ساڃاهه وند

مورو(ن پ ا) سنڌ جي ناليواري انقلابي مزاحمتي شاعر راشد مورائي کي مداحن کان وڇڙئي ڇھه سال گذري ويا. ڪورونا وائرس جي خدشي سبب راشد مورائي يادگار ڪاميٽي پاران ورسي تقريب نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، موري جي سياسي سماجي، صحافين جگديش ڪمار، غلام مصطفيٰ ڀٽي، وحيد مستوئي پاران مزار تي حاضري ڀري گل نڇاور ڪري دعا گھري وئي. جگديش ڪمار ۽ ٻين چيو ته راشد مورائي سنڌ جي سجاڳي ھو، جنھن پنھنجي شاعري ذريعي سنڌ جي ماڻھن کي سجاڳ ڪيو. هُن پنھنجي حقن جي لاءِ ماڻھن کي حق وٺڻ جو شعور ڏنو. هنن چيو ته راشد مورائي ھڪ مھان قوي شاعر ھو جيڪو اسان کان وڇڙيو ضرور آھي پر وسرندو ڪڏھن به نه، اڄ ڇھين ورسي تي مزار تي پھچي گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪئي آھي.

Bookmark the permalink.