تازا ترين
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

رائونتي ۾ ڌاڙيل وڙهي پيا: بدنام ڏوهاري بالو شر مارجي ويو

ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) رائونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيل پاڻ ۾ وڙهي پيا. فائرنگ جي نتيجي ۾ بدنام ڏوهاري بالو شر مارجي ويو آهي. ڪچي ۾ پُراڻي تڪرار تان شر برادري جي ٻن ڌُرين ۾ جهيڙو ٿيڻ کانپوءِ فائرنگ جو آزاداڻو استعمال ڪيو ويو. جهيڙي ۾ گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ بالو ولد ڳوڌو شر مارجي ويو. ڌُرين ۾ ڇتي فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن جي ٻن ٽولن ۾ جهيڙو ٿيو ۽ اُهي پاڻ ۾ وڙهي پيا آهن. جهيڙي ۾ مارجي ويل بالو شر سنگين ڏوهن ۾ پوليس کي گهربل هو، مختلف ٿاڻن تي سندس خلاف قتل، ڦر ۽ اغوا سوڌو ٻين ڏوهن جا 40 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل سلطو شر جي ٻن سئوٽن جو قتل ڪيس ڌاڙيل گڏو شر جي مائٽن خلاف داخل ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته قتل جي پلاند ۾ ڌاڙيل سلطو شر جي ٽولي فائرنگ ڪري ظفر عرف بالو شر کي قتل ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.