تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

دڙو ۾ پڃاري پُل جي زبون حالت هجڻ خلاف شاگردن پاران احتجاجي ريلي،ڌرڻو

پ پ سرڪار رڳو پنهنجا ڀِڀ ڀريا آهن،عوام جي کين پرواهه ناهي:مظاهرين

پُل جي جلد مرمت ڪرائي عوام ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي:مطالبو

دڙو (رپورٽر) شاگردن جي سماجي تنظيم نيو ويزن فورم پاران دڙو ۾ پڃاري پل جي زبون حالت هئڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي دڙو پڃاري پل تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا،اڳواڻن عبدالرشيد آزاد منصور چوهاڻ وقاص مهدي طاهر سومرو امير آڪاش ۽ ٻين چيو ته پ پ پ حڪمرانن پنهنجا ڀڀ ڀريا آھن هنن کي عوام جو ڪو به لاچار نه آھي. هنن مطالبو ڪيو ته پل کي جلد مرمت ڪرائي عوام مان بيچيني ختم ڪري سندن جانين کي نقصان کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……

Bookmark the permalink.