تازا ترين
  • *وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پوليو جي خاتمي بابت ٽاسڪ فورس جو اجلاس *هلندڙ سال پاڪستان ۾ پوليو جا 58 ڪيس سامهون آيا: اجلاس ۾ بريفنگ *هلندڙ سال سنڌ ۾ 20، ڪي پي ۾ 21، بلوچستان ۾ 14 ۽ پنجاب ۾ 3 ڪيس رپورٽ ٿيا *
  • *ڪراچي شھر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر پوليس اھلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ *15 ڏينهن دوران ھڪ ٻئي اھلڪار تي ٽارگيٽ ڪلرز جي فائرنگ *ڪورنگي سيڪٽر پنج ۾ اھلڪار اصغر تي فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ ڪري زخمي *واقعي جو آءِ جي سنڌ پاران نوٽيس، ايس ايس پي کان رپورٽ طلب *
  • *کپرو ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ هارين جو سانگهڙ روڊ تي ڌرڻو، روڊ بلاڪ *سوين آبادگارن ۽ هارين ٽائرن کي باهيون ڏيئي کپرو سانگهڙ روڊ بند ڪري ڇڏيو *
  • *جهول واسي پيرسن ڪورونا وائرس وگهي ڪراچي جي اسپتال ۾فوت *55 ورهين جو ظفر کرل وائرس سان جهيڙيندي زندگي جي جنگ هارائي ويو *
  • *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ مقامي منتقلي وارا ڪورونا وائرس جا نوان 29 ڪيس ظاهر *ڇاڇرو۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي طور انگ 172 ٿي ويو *
  • *شهدادپور پوليس پاران شهرين کي گرفتار ڪري لکين رپيا رشوت وٺڻ جو انڪشاف *ايس ايس پي سانگهڙ حيدرآباد واسي جي درخواست تي 3 اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو *جٽيا چوڪي انچارج عابد زرداري، مصطفيٰ ڪوري ۽ ذوالفقار چانڊيو ڪوارٽر گهاٽ *
  • *سنجهورو: نامياري محقق، ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پٽ جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي *
  • *قاضي احمد ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار زال کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار حاجي جتوئي ننڊ ستل صوبيا جتوئي تي ڪهاڙين جا وار ڪيا *
  • *ميان صاحب ڀرسان پوليس جي ڳوٺ تي چڙهائي، ڦرلٽ جو الزام *پوليس ڳوٺاڻن جا 25 ڍور ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا، اهلڪارن تي تشدد جا الزام *
  • *لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، ننڊ ستل عورت کي گوليون هڻي قتل* ڳوٺ سيهڙ اسٽيشن ۾ هٿياربند رفعت لاشاري تي پسٽل جا فائر ڪري فرار ٿي ويا *
  • *داد لغاري ڀرسان هٿياربندن جي گهر تي ڪاهه، چڱو مڙس گوليون هڻي مرڻينگ *سعيد احمد بوزدار کي ويهڪ واري جاءِ تي گولي هنئي وئي، اسپتال منتقل *
  • *ڀريا سٽي ڀرسان قومي شاهراهه تي مسافر بس ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 7ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل *مسافر بس ڪراچي کان پنجاب وڃي رهي هئي، زخمين ۾ فهيم راجپوت، سجاد گوپانگ ۽ ٻيا شامل *
  • *عمرڪوٽ ۾ ڏيڊ مھينو اڳ مبينا قتل ٿيل جنتا مالهي واري واقعي جو اي آءِ جي حيدرآباد پاران نوٽيس *جنتا مالهي جي وارثن جي اي آءِ جي حيدرآباد سان ملاقات *اي آءِ جي پاران ايس ايس پي عمرڪوٽ کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم *

ديسي گرل پريانڪا کي به فرمائشي اداڪارا لاءِ فلم مان ڪڍيو ويو!

بالي ووڊ ۾ پنهنجا نوازي تي بحث کانپوءِ پريانڪا به ماضي جا ڏک سور ساري ويٺي

ڪراچي (انٽرٽينمينٽ ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا پريانڪا چوپڙا به نيپوٽزم پنهنجا نوازي خلاف آواز اٿاريندي انڪشاف ڪيو آهي ته کيس فلم مان ڪڍيو ويو هو جنهن تي هو ڏاڍو رني ۽ اهڙي رويي کي برداشت ڪري وئي. هلندڙ مهيني اڻ ڄاتل سببن سبب آپگهات ڪندڙ ڀارتي اداڪار سوشانت سنگهه جي موت کانپوءِ ڀارتي انڊسٽري ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي، ڪجهه ماڻهو پنهنجا نوازي کي اداڪار جي موت جو ذميوار قرار ڏيندي ان خلاف آواز اٿاري رهيا آهن ته ڪجهه وري پنهنجا نوازي جي حق ۾ ڳالهائي رهيا آهن. ڀارت جي مشهور اداڪارا پريانڪا چوپڙا پنهنجا نوازي بابت ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو آهي ته ماضي ۾ هن به پنهنجا نوازي کي منهن ڏنو آهي. نجي خابرو ويب سائيٽ موجب ديسي گرل پريانڪا چوپڙا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته کيس خبر آهي ته ڀارتي انڊسٽري ۾ ڪيتري پنهنجا نوازي آهي پر ڪنهن مشهور فنڪار جي گهر ۾ پيد اٿيڻ ۽ وراثت طور اداڪاري جي پيشي کي اڳتي وڌائڻ ۾ به ڪا برائي ناهي. هن چيو ته ٻاهران ايندڙ اداڪار انڊسٽري ۾ پير رکن ٿا ۽ محنت ڪن ٿا اهڙي ريت فنڪارن جي ٻارن تي به پنهنجي ڪٽنب جو نالو برقرار رکڻ لاءِ بار هوندو آهي هر اداڪار پنهنجو سفر طئه ڪري اڳتي پهچي ٿو. هن چيو ته کيس به هڪ فلم مان ڪڍيو ويو هو ڇو ته سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي فلم ۾ شامل ڪرڻ جي فرمائش ڪئي وئي هئي. ان تي ڏاڍو رني هيس پر برداشت ڪري وئيس هيس. هن چيو ته کيس هار جو ڪو ڊپ ناهي جڏهن ته هو ڪڏهن شڪست به نٿي کائي هو ان تي وڌيڪ سوچي به نٿي ۽ پنهنجو موڊ به خراب نٿي ڪري.

Bookmark the permalink.