تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

دوڙ ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، پيرسن عورت فوت، نوجوان زخمي

نواب ولي محمد ( ن پ ا) دوڙ ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي ٻن موٽرسائيڪلن جي ٽڪر جي نتيجي ۾ نواب ولي محمد جي ڳوٺ شباب لغاري جا رھواسي پيرسن عورت عظيمه ڀٽي ۽ سندس نوجوان پٽ شبير ڀٽي سخت زخمي ٿي پيا، جن کي دوڙ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پيرسن عورت زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي،

جڏهن ته سندس پٽ شبير ڀٽي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نواب شاهه اسپتال ريفر ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي پيرسن عورت جو لاش نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ شباب لغاري آندو ويو، جتي ڪهرام مچي ويو.

Bookmark the permalink.