تازا ترين
  • *موهن جو دڙو ڀرسان رائيس ڪئنال مان لاش هٿ، گهارو ڀرسان ڪي ڊي اي واهه مان به پيرسن جو لاش هٿ*
  • *سامارو ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو*
  • *عمرڪوٽ ۾ عورت سان مبينا طور هٿيارن جي زور تي زيادتي، متاثر عورت ٿاڻي تي پناهه لاءِ پهچي وئي*
  • *نيب طرفان گرفتار ڪيل انجنيئر سول اسپتال سکر ۾ فوت*ڪرپشن جي جاچ لاءِ نيب مٽياري واسي انجنيئر اعجاز ميمڻ کي ٽي مهينا اڳ گرفتار ڪيو هو*

دوڙ ڀرسان سجاول مائينر کي 50 فوٽ گهارو، 20 گهر ٻڏي ويا، 2 سئو ايڪڙن تي بيٺل فيصل پاڻي هيٺ اچي ويو، ڳوٺاڻن جون دانهون

ڳوٺاڻن جي اطلاع باوجود آبپاشي عملدار 8 ڪلاڪن کانپوءِ پهتا،گهارو اڃا تائين بند نه ٿيو

گهارو پوڻ سبب 2 سئو ايڪڙن تي بيٺل جوئو، وونئڻ، ڪمند ۽ ٻيو فصل ٻڏي تباهه ٿي ويو:ڳوٺاڻا

دوڙ (رپورٽ: بابر وساڻ) دوڙ ڀرسان سجاول مائينر کي 50 فوٽ گهارو لڳڻ سبب 2 سئو ايڪڙن تي بيٺل فيصل پاڻي هيٺ اچي ويو، 20 کان وڌيڪ گهر ٻڏي ويا آهن. ڳوٺ غلام حسين چانڊيو وٽان سجاول مائينر کي گهارو لڳڻ جي نتيجي ۾ معشوق علي، محمد عرس، غلام شبير، دريا خان، قمر دين ۽ محمد رمضان سميت 20 ڳوٺاڻن جا گهر ٻڏي ويا. متاثر پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته گهرن ۾ پيل ان، هنڌ، بسترا، کٽون ٻڪريون ۽ ٻيو قيمي سامان لڙهي ويو، صرف پنهنجون جانيون بچائي نڪتا آهيون. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گهارو پوڻ سبب 2 سئو ايڪڙن تي بيٺل جوئو، وونئڻ، ڪمند ۽ ٻيو فصل ٻڏي تباهه ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻن جي اطلاع باوجود آبپاشي عملدار 8 ڪلاڪن کانپوءِ پهتا، گهارو اڃا تائين بند نه ٿي سگهيو آهي.

Bookmark the permalink.