تازا ترين
  • *واهي پانڌي: نئن نلي تي ڊيم ٺاهڻ خلاف جمالي ۽ شاهاڻي برادري پاران احتجاجي ريلي، ڌرڻو *مظاهرين اسپتال کان گورک چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو،ڇتي نعريبازي *نئن نلي جي قدرتي وهڪري تي سمال ڊيم ٺهڻ سان زمينون بنجر ٿي وينديون: مظاهرين *
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

دوست سان گڏجي مڙس کي قتل ڪندڙ زال کي موت جي سزا

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پنهنجي دوست سان گڏجي مڙس کي قتل ڪندڙ زال کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، ماڊل ڪرمنل ڪورٽ جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪامران عطا سومرو قتل ڪيس ۾ ملوث عائشه، ان جي دوست رضا علي شاهه گيلاني کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت جوابدارن کي مقتول جي وارثن کي ٽي، ٽي لک رپيا هرجاڻو ادا ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته عدم ادائگي تي جوابدارن کي وڌيڪ 6، 6 مهينا قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي. ڌاڙي جي الزام ۾ عدالت جوابدارن کي 10، 10 سال قيد ۽ 50،50 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي آهي ڏنڊ نه ڀرڻ جي صورت ۾ جوابدارن کي وڌيڪ ٽي، ٽي مهينا سزا ڀوڳڻي پوندي، جڏهن ته شريڪ جوابدار رحيم شاهه کي عدالت گهٽ عمر جو فائدو ڏيندي عمر قيد غ۽ مقتول جي وارثن کي ٽي لک رپيا حرجاڻو ادا ڪرڻ جوحڪم ڏنو آهي. ياد رهي ته جوابدار عائشه پنهنجي دوست سان گڏجي پنهنجي مڙس وسيم اقبال کي هٿ، پير ٻڌي ڇري سان قتل ڪيو هو. واقعي کي ڌاڙي جو رنگ ڏنو ويوهو.

Bookmark the permalink.