تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

دهشتگرد حملي باوجود اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي: 67 ارب جو منافعو

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ دهشتگردن جي حملي جي باوجود ڪاروبار ۾ هاڪاري رجحان رهيو. ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 242 پوائنٽن جي اضافي سان 34 هزار هڪ سئو جي نفسياتي حد عبور ڪري ويو ۽ 34 هزار 181 پوائنٽن تي بند ٿيو. ڪاروباري ڏينهن ۾ 486 پوائنٽن جي بينڊ ۾ ڪاروبار ٿيو ۽ بازار ۾ 15ڪروڙ 69 لک شيئرز جا سودا ٿيا. شيئر بازار جي ڪاروبار جي ماليت 5 ارب 62 ڪروڙ رپيا رهي جڏهن ته سيڙپڪارن کي اڄ 67 ارب رپين جو منافعو ٿيو. ڪاروبار ختم ٿيڻ تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 64 کرب 90 ارب رپيا رهي.

Bookmark the permalink.