تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

دهشتگردن سان مهاڏو اٽڪائيندڙ خليل جتوئي ڪوٽڙي سان تعلق رکي ٿو

ڪوٽڙي(ن پ ا) ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندڙ، قومي هيرو بڻجي ويل پوليس اهلڪار خليل جتوئي جو تعلق ڪوٽڙي جي ڳوٺ عيسيٰ دل جو سان آهي ٻڌايو پيو وڃي ته خليل رازڪو ڪم ڪندو هو جنهن بعد ميرٽ تي پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، ٻئي طرف قومي هيرو ٿي ويندڙ سنڌ پوليس جي اهلڪار خليل جتوئي جي پورهيت پيءُ عبدالحميد جتوئي چيو آهي ته خليل جي ڪري ڪنڌ فخر سان مٿي ٿي ويو آهي، خليل جي بهادري جي ڪري نه ڄاڻ ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو اچي مون کي مبارڪون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته آئون رازڪو ڪم ڪندو آهيان ۽ خليل پڻ مون سان گڏ مزدوري ڪرڻ بعد خود به رازڪو ڪم ڪندو هيو ان سان گڏ شام جو رڪشو هلائي اسان جي مدد ڪندو هيو پر محنت سبب هو ميرٽ تي پوليس ۾ ڀرتي ٿيو، جڏهن هن جي ڪري سڄي پوليس جي ڊپارٽمينٽ جو ڪنڌ فخر سان اوچو ٿيو آهي ته اسان کي به ڏاڍي خوشي ٿي رهي آهي.

Bookmark the permalink.