تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

دنيا ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 49لک 86هزار ٿي ويو، هن وقت تائين 3 لک 24 هزار 8 سئو مريض فوت ٿي چڪا

ڪراچي/نيويارڪ (ڊيسڪ رپورٽ) دنيا ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 49لک 86هزار ٿي ويو آهي. سموري دنيا ۾ هيل تائين ڪورونا وگهي 3 لک 24هزار 8 سئو کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي چڪا آهن. امريڪا ۾ فوتين جو انگ 93 هزار 533 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته اسپين ۾ 27 هزار 778 برطانيه ۾ 35 هزار 341 ماڻهو ڪورونا وگهي فوت ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس فرانس ۾ 28 هزار 22ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون آهن.ايران ۾ 7119 ۽ ترڪي ۾ 4199 ۽ ڀارت ۾ 3302 ۽ بنگلاديش ۾ 370 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. جڏهن ته هيل تائين صحتياب ٿيندڙن ۾ 19 لک 58 هزار 5 سئو ماڻهو شامل آهن.

Bookmark the permalink.