تازا ترين
  • خورشيد شاهه خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس، ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي*
  • آصف زرداري جي اپيلن تي فيصلو 23 سيپٽمبرتي ٻڌايو ويندو*نيب جيڪي الزام لڳايا، انهن سان واسطو ئي ناهي، آصف زرداري جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا *

دنيا جي 72 ملڪن ۾ 10 هزار 289 پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف، قومي اسيمبلي ۾ انگ اکر پيش

سڀ کان وڌيڪ 3441 شهري سعودي عرب ۾ قيد ٿيل آهن: پرڏيهي وزارت

يو اي اي ۾ 2025،آمريڪا ۾ 109 ۽ برطانيا ۾ 300 پاڪستاني قيد آهن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) دنيا جي 72 ملڪن ۾ 10 هزار 289 پاڪستاني قيد هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي وزارت پاران قومي اسيمبلي ۾ تحريري طور تي جمع ڪرايل جواب ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سڄي دنيا جي ملڪن ۾ لڳ ڀڳ 96 لک پاڪستاني موجود آهن، جن مان 72 ملڪن جي جيلن ۾ 10 هزار 289 پاڪستاني قيد آهن، جواب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ پاڪستاني سعودي عرب جي جيلن ۾ قيد آهن، جن جو تعداد 3441 آهي جيڪي منشيات جي اسمگلنگ، چوري، مالياتي مامرن سميت مختلف ڪيسن ۾ قيد آهن، جڏهن ته يو اي اي ۾ 2025، آمريڪا ۾ 109، ترڪي ۾ 285، اسپين ۾ 160، سريلنڪا ۾ 129، برطانيا ۾ 300، افغانستان ۾ 259، آسٽريليا ۾ 250، بحرين ۾ 124، چائنا ۾ 258، گريس ۾ 617، انڊيا ۾ 572، ايران ۾ 134، اٽلي ۾ 278، ڪويت ۾ 106، ملائيسيا ۾ 308، عمان ۾ 510، جڏهن ته يوڪرائن ۾ 3، مالٽا هڪ، ٿائيلينڊ 56، تنزانيا 20، تاجڪستان 5، سريا 3، سوئيٽزرلينڊ هڪ، فن لينڊ ۾ 2، سوئيڊن ۾ 6، سائوٿ آفريڪا ۾ 28، سنگاپور ۾ 3، سيربيا ۾ 8، رشين فيڊريشن 17، رومانيه ۾ هڪ، قطر ۾ 31، پورچوگال ۾ 9، فلپائين ۾ 10، پولينڊ ۾ هڪ، ناروي 18، نائيجيريا ۾ 2، نائيدر لينڊ ۾ 19، نيپال ۾ 18، موراڪو ۾ 2، مالديپ ۾ 5، لبيا ۾ هڪ، لبنان ۾ 7، ڪينيا ۾ 7، سائوٿ ڪوريا ۾ 6، قزاڪستان هڪ، جارڊن ۾ 2، جاپان ۾ 7، عراق ۾ 91، آئرلينڊ ۾ 2، انڊونيشيا ۾ 8، هانگ ڪانگ ۾ 14، جرمني 11، فرانس 47، ايٿوپيا ۾ هڪ، اجپٽ ۾ 12، ڊينمارڪ ۾ 25، هانگ ڪانگ 86، ڪينيڊا ۾ 14، ڪمبوڊيا ۾ 4، بلغاريه ۾ 11، برازيل ۾ هڪ، بوسينيا ۾ هڪ، بيلارس ۾ 2، بنگلاديش ۾ 37، جارجيا ۾ هڪ، آذر بائيجان ۾ 10، سلووڪ ريپبلڪ ۾ 2، آسٽريا ۾ 30، ارجنٽينا ۾ 4 پاڪستاني قيد آهن، جواب ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سيپٽمبر 2018ع کان سيپٽمبر 2019ع تائين موجوده حڪومت دوران مجموعي طور تي پرڏيهي ملڪن مان 4637 ڄڻا آزاد به ٿي چڪا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ يو اي اي مان 1873، سعودي عرب مان 1594 پاڪستان قيدي آزاد ٿيا، جڏهن ته ٿائيلينڊ مان 17، قطر مان 53، آمريڪا مان 25، سائوٿ آفريڪا مان 4، پولينڊ مان 7فلپائين مان 5، نيپال مان 4، موريشس مان هڪ، مالديپ مان 2، ملائيشيا 782، لبيا 167، سيپرس مان 6، ايران مان 3، انڊونيشيا مان 3، انڊيا مان 50، فرانس مان 12، چائنا مان 4، ڪمبوڊيا مان 5، بلغاريه مان 13، بنگلاديش مان 3 ۽ آذر بائيجان مان 4 قيدي آزاد ٿيلن ۾ شامل آهن.

Bookmark the permalink.