تازا ترين
  • لاڙڪاڻي ۾ ڪورونا جو وڌيڪ 36 ڪيس ظاهر،ضلعي ۾ متاثرن جو انگ 283 ٿي ويو*خانپورمھر ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ ڌڙا ڌڙ واڌ، وائرس جا 39 نوان ڪيس ظاهر*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي چوماسي برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو*
  • لاڙڪاڻو: بلاول جي سنڌ ۾ فوتين جا لاش گڏهه گاڏن، رڪشن ۽ ريڙهن تي کنيا پيا وڃن: حليم عادل *لاڙڪاڻو: 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا صرف لاڙڪاڻي کي ڏنا ويندا آهن: حليم عادل*لاڙڪاڻو: رتيديري ۾ پاڻي جون ٽينڪون لڳل آهن جن مان پاڻي نه ايندو آ نه ويندو آ: حليم عادل*
  • سنڌ ۾ ڪورونا جو زور برقرار، 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 25 ڄڻا فوت*صوبي ۾ وڌيڪ 2222 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد وائرس سٽيلن جو انگ وڌي 94 هزار 528 ٿي ويو*
  • سنڌ جي مختلف شهرن ۾ اڄ رات کان تيز برساتن جو امڪان، موسميات کاتي ڪراچي، ٺٽو، حيدرآباد ۽ بدين ۾ ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو*ڪراچي ۽ ٿرپارڪر ڊويزن ۾ ۾ سڀاڻي کان تيز هوائن سان برسات پوندي: موسميات کاتو*لاڙڪاڻو، سکر، گهوٽڪي، سانگھڙ ۽ دادو ۾ اڄ رات کان چوماسي جي برسات جا امڪان*

دعا ڀٽو جي ڀيڻ جي سنڌ اسيمبلي ۾ ٺاهيل وڊيو وائرل تي تنقيد

سنڌ اسيمبليءَ ۾ ناري طرفان ايم پي اي جي ڪُرسيءَ تي ٺاهيل وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن بعد اهو ڄاڻايو ويو ته سنڌ اسيمبلي ۾ نظر ايندڙ ناري اقرا ڀٽو آهي جيڪا پي ٽي آءِ جي ايم پي اي دعا ڀٽو جي ڀيڻ آهي، اقرا ڀٽو انڊين فلم جي گاني ”تم ني اگر پيار سي ديکا نهين مجهه ڪو“ تي وڊيو ٺاهي آهي ۽ هوءَ سنڌ اسيمبلي جي ڪرسي تي ويٺل نظر اچي رهي آهي، اهڙو معاملو سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دُراني تائين به پهچي ويو آهي. جڏهن ته ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي ايم پي اي دعا ڀٽو وضاحتي وڊيو پڻ جاري ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي هلي رهي آهي اها منهنجي ڀيڻ اقرا ڀٽو جي آهي، جنهن کي اندازو نه هو ته ان ڪرسي تي ويهي ان طرح جي وڊيو نٿي ٺاهي سگهجي، اها وڊيو لابي جي وڊيو هئي، اها اندر هال جي وڊيو ناهي، مون کي خبر به نه هئي ته هن اها وڊيو ٺاهي آهي، جيڪڏهن خبر هجي ها ته آئون هن کي اها وڊيو ٺاهڻ نه ڏيان ها، نه وري اپلوڊ ڪرڻ ڏيان ها، اقرا جي اهڙي عمل تي آئون معذرت ڪريان ٿي، هن کي ايئن وڊيو نه ٺاهڻ گهرجي ها.

Bookmark the permalink.