تازا ترين
  • *کڏڙو بس اسٽاپ تي ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي *محمدرمضان خاصخيلي،لال محمد بروهي ۽ علي محمد بروهي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *خانواهڻ ويجهو ڦر مزاحمت تي جوابدارن گوليون هڻي اهلڪار کي زخمي ڪري ڇڏيو *پير مسافر وٽ 3هٿياربندن اهلڪار سڪندر ڪلھوڙو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي *مزاحمت تي جوابدارن اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، اسپتال منتقل*
  • *ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ بابت شماريات کاتي جا انگ اکر جاري *گوشت3.9 ۽ کنڊ3.8 سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *جولائي ۾ سالياني بنياد تي شهري علائقن ۾ ٽماٽر سئو سيڪڙو مهانگو ٿيو:شماريات کاتو *پٽاٽا63 سيڪڙو ۽ دال مڱ 46.25سيڪڙو مهانگي ٿي: شماريات کاتو *ڪڻڪ28.52۽ اٽو 18.52 سيڪڙو مهانگو ٿيو: شماريات کاتو *
  • *لاڙڪاڻو: مبينا طور اغوا ٿيل نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج *27جولائي تي جتوئي برادري جا هٿياربند گهر گهڙي نياڻي ماجده کي اغوا ڪري ويا: وارثن جو الزام*
  • *فريدآباد: ڳوٺ عبدالله شاھه گودڙيو ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ٻارڙن جي ماءُ فوت *گهر اندر پکي مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 26 ورهين جي گمبُل زال رب رکيو چانڊيو فوت*
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو زميندار تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، هڪ ڄڻو مبينا اغوا *هٿياربندن جي حملي ۾ زميندار ولي شاهه ۽ ربنواز ناريجو زخمي، امير ناريجو مبينا اغوا*
  • *ڪراچي: جوهر چورنگي ويجهو جي ڊي سي فائونڊيشن وٽان نامعلوم پيرسن جو لاش هٿ *لاش ايڌي ايمبولينس ذريعي جناح اسپتال منتقل، سڃاڻپ نه ٿي سگهي*
  • *سيوھڻ: درگاھه قلندر کي کولرائڻ لاءِ دڪاندارن ۽ پورهيتن جو27هين ڏينهن به احتجاج *درگاھه قلندر کي ايس او پي تحت کولي بک ۽ بدحالي کان بچايو وڃي: دڪاندار ۽ پورهيت *

دعا منگي کي صحيح سلامت بازياب ڪرائينداسين، ڪيس جو مختلف رُخن ۾ جائزو ورتو پيو وڃي: ڪراچي پوليس

هڪ درجن کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪري ورتي آهي: ڪراچي پوليس جو ترجمان

شهرين کي اپيل آهي ته ڪيس لاءِ اطلاع هجي ته ويجهو موجود ٿاڻي تي ٻڌائين: بيان

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪراچي پوليس دعا منگي ڪيس ۾ شهرين کي ڄاڻ ڏيڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته دعا منگي جي صحيح سلامت بازيابي کي يقيني بڻايو ويندو، ڪيس جي مختلف رُخن ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي. ڊفينس واري علائقي مان واٽ ويندي قانوندان دعا منگي جي اغوا ٿيڻ واري معاملي تي ڪراچي پوليس جي ترجمان طرفان هڪ پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. ڪراچي پوليس چيو آهي ته دعا منگي اغوا ڪيس جي مختلف رُخن ۾ جاچ ڪئي پئي وڃي، هڪ درجن کا وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪئي وئي آهي.
اڳوڻن واقعن جي رُخ ۾ به جاچ
پوليس ترجمان چيو آهي ته دعا منگي اغوا تي پوليس ۽ سي پي ايل سي ماضيءَ جي اغوا ڪيسز جي حوالي سان به جاچ ڪري رهيون آهن، ڊي جي آءِ ڏکڻ جي سربراهيءَ ۾ مختلف ٽيمون به جاچ لاءِ جوڙيون ويون آهن. ڪراچي پوليس پُرعزم آهي ته دعا منگي جي اغوا وارو ڪيس پيشيوراڻي انداز ۾ حل ڪيو ويندو.
دعا منگي جي وارثن کي خاطري
ڪراچي پوليس جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته هو دعا منگي جي وارثن ۽ ڪراچي جي شهرين کي يقين ڏيارين ٿا ته سندس صحيح سلامت بازيابي کي يقيني بڻايو ويندو. شهرين کي اپيل آهي ته دعا منگي ڪيس جي حوالي سان ڪو اطلاع هجي ته ون فائيو يا ويجهي واري ٿاڻي تي وڃي ٻڌائين.

Bookmark the permalink.