تازا ترين
  • *سنڌ سرڪار طرفان فلور ملز تائين ڪڻڪ نه پهچائڻ سبب کوٽ پيدا ٿي، 4 لک مان هڪ لک ٽن ڪڻڪ ڏئي ڇڏي آهي: فردوس اعواڻ*
  • *سنڌ ۾ صوبائي حڪومت جي نااهليءَ سبب اٽي جو بحران ٿيو آهي (وفاقي سرڪار) زراعت واري وزير طرفان اڱاري تائين بحران ختم ٿيڻ جو آسرو*
  • *اٽي بحران جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي(وفاقي حڪومت) وفاق ڪڻڪ افغانستان اماڻي بحران پيدا ڪيو: سنڌ سرڪار*
  • *قاضي احمد: پول تي بجليءَ جي تار ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب پورهيت فوت*
  • *ڏهرڪي: ڪنٽينر سان ٽڪر بعد آئل ٽئنڪر ليڪ: پيٽرول ضايع*

دعا منگي کي اغوا ڪندڙن اڍائي لک ڊالرز ڀُنگ گهري ورتو (ذريعا) پوليس ڪابه اڳڀرائي نه ڪئي آهي: اعجاز منگي

اغوا ڪندڙن دعا منگي جي وارثن سان واٽس ايپ ۽ ويبسائيٽس ذريعي رابطو ڪيو: ذريعا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش علائقي مان واٽ ويندي اغوا ٿيل قانوندان دعا منگي جي وارثن کان اڍائي لک ڊالرز ڀُنگ گهريو ويو آهي. پوليس ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته دعا منگي کي اغوا ڪندڙن سندس وارثن سان واٽس ايپ ۽ انٽرنيٽ ويبسائيٽ ذريعي رابطو ڪيو، جنهن دوران کانئن دعا منگي جي آزادي لاءِ اڍائي لک رُپيا ڀُنگ طلب ڪيو ويو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته اغوا ڪندڙن دعا منگي جي وارثن سان گذريل ٽن ڏينهن دوران 2 يا 3 ڀيرا رابطو ڪيو آهي. ٻئي پاسي دعا منگي جي وارثن سان رابطو ڪيو ويو پر هُنن اهڙي ڪنهن به قسم جي ڪال اچڻ جي ترديد ڪئي آهي.
دعا منگي جي مامي اعجاز منگي جو ردعمل
دعا منگي جي مامي ۽ ناليواري ليکاري اعجاز منگي چيو آهي ته سڀ گهروارا پريشان آهن ۽ هو اڃا تائين بند گلي ۾ بيٺل آهن، پوليس طرفان ڪنهن به قسم جي اڳڀرائي نظر نه اچي رهي آهي. هُن چيو ته جيڪڏهن بِسما کي اغوا ڪندڙ گرفتار ٿين ها ته شايد دعا اغوا نه ٿئي ها، اندازو ٿيو آهي ته دعا جي اغوا وارو واقعو بسما جي اغوا جو تسلسل آهي.



Bookmark the permalink.