تازا ترين
  • سنڌ ۾ ماڪڙ جي تباهي نه روڪڻ خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو*ايوانِ زراعت سنڌ طرفان وفاق ۽ سنڌ سرڪار خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو*
  • *گهوٽڪي ۾ رولو ڪُتن نينگر ۽ نوجوان کي ڏاڙهي وڌو: اسپتال ۾ وئڪسين نه ملي*
  • *ٿر ۾ بُک ۽ بيمارين وڌيڪ وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت: هلندڙ سال 789انگ ٿي ويو*
  • *مٺي ۾ پورهيت جي گهر کي باهه:الهه تلهه سڙي رک*
  • *حڪومت آرمي چيف جي مدي بابت قائل ڪري، استعيفائون ڏئي سگهون ٿا: اختر مينگل*

دعا منگي جي وارثن کي شڪ آهي ته اغوا ۾ لاهور واسي نوجوان مظفر ملوث آهي (ڪراچي پوليس) قانوندان دعا جو موبائيل فون رڪارڊ هٿ

خدشو آهي ته دعا منگي جي اغوا ۾ ڦر ٿيل گاڏي استعمال ڪئي وئي، گاڏي ۾ سوار 5 مان هڪ هٿياربند پنهنجو چهرو لڪائي ڇڏيو هو: پوليس

جاچ ۾ پتو پيو آهي ته دعا منگي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان حارث سومرو سان لڳاتار رابطي ۾ هئي: ڪراچي پوليس جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي پوليس 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ناري جي وارثن جا بيان رڪارڊ ۽ دعا منگي جو موبائيل فون رڪارڊ هٿ ڪري ورتو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته دعا منگي جي وارثن لاهور واسي نوجوان مظفر تي اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آهي، اُن جو رڪارڊ هٿ ڪيو پيو وڃي، خدشو آهي ته دعا منگي جي اغوا واري واردات ۾ ڦر ٿيل گاڏي استعمال ڪئي وئي ۽ گاڏي ۾ 5 هٿياربند سوار هئا. پوليس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هٿياربندن مان هڪ نقاب پهري منهن لڪائي ڇڏيو، شڪ آهي ته اُن کي دعا منگي سڃاڻيندي هوندي.
پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته دعا منگي ڪجهه عرصو اڳ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ امريڪا وئي هئي، جتي مظفر سان سندس ملاقات ٿي. پوليس موجب ناري جا وارث مظفر نالي نوجوان تي اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪري رهيا آهن. پوليس موجب مظفر لاهور ۾ رهندو آهي. مظفر جي حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ هٿ ڪئي پئي وڃي. جاچ اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته دعا منگي دوست جي سالگرهه جي پارٽي ۾ شرڪت لاءِ آئي هئي ته اغوا ٿي وئي.
اغوا واردات ۾ ڦر ٿيل گاڏي استعمال ٿيڻ جو خدشو
پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته قانوندان دعا منگي جي اغوا ڪيس ۾ چوري جي گاڏي استعملا ٿيڻ جو خدشو آهي، 3 ڏينهن اڳ خالد بن وليد روڊ وٽان اُن ئي رنگ توڙي ڍانچي واري گاڏي هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي وئي هئي. پوليس ذريعن موجب هڪ شهري پوليس کي ٻڌايو آهي ته دعا منگي جي اغوا واردات ۾ استعمال ٿيل گاڏي ۽ کائنس ڦر ٿيل گاڏي هڪجهڙيون آهن. هو سي سي ٽي وي فٽيجز ڏسي پنهنجي گاڏي جي سڃاڻپ ڪري سگهي ٿو.
دعا منگي ۽ حارث سومرو تي 5 هٿياربندن حملو ڪيو
پوليس جو چوڻ آهي ته هيل تائين ٿيل جاچ دوران پتو پيو آهي ته گاڏي ۾ سوار پنج هٿياربند دعا منگي کي اغوا ڪري ويا هئا، 2 جوابدار گاڏي جي اڳئين سيٽ ۽ 2 پوئين سيٽ تي ويٺل هئا. گاڏي ۾ سوار پنج هٿياربندن مان هڪ پنهنجو چهرو نقاب ذريعي ڍڪي ڇڏيو هو.
ماسڪ واري کي دعا سڃاڻيندي هئي: پوليس کي شڪ
پوليس شڪ ظاهر ڪيو آهي ته ڪار ۾ سوار جنهن هٿياربند کي چهري تي نقاب هو، دعا منگي اُن کي سڃاڻيندي هئي، تنهن ڪري پنهنجي سڃاڻپ کي لڪائڻ لاءِ اُنهي هٿياربند چهرو لڪائي ڇڏيو هو. شڪ آهي ته قانوندان دعا منگي جي اغوا ۾ ڀاڙي جا ڏوهاري استعمال ڪيا ويا هئا.
دعا منگي جو موبائيل فون رڪارڊ هٿ
ڪراچي پوليس 2 ڏينهن اڳ نوجوان حارث سُهيل کي مرڻينگ ڪرڻ بعد ناري دعا منگي کي اغوا ڪرڻ واري واقعي جي حوالي سان جاچ ڪري رهي آهي. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ناري دعا منگي جي موبائيل فون جو رڪارڊ هٿ ڪري ورتو آهي، هو زخمي ٿيل نوجوان حارث سان لڳاتار رابطن ۾ هئي.

Bookmark the permalink.