تازا ترين
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

دعا جي بازيابي لاءِ ڌرڻو: پوليس مٿان بي اعتمادي ظاهر

ڪراچي: دعا منگي جي بازيابي لاءِ ٽي تلوار تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو، چونڊيل نمائندا به شريڪ، ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، وارثن پوليس جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪري ڇڏيو. ڪالهه شام جو ڇهين وڳي کان رات جو 10 هين وڳي تائين سول سوسائٽي طرفان شهر جي اهم هنڌ ٽي تلوار تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي ۾ دعا جي مامي ۽ ناليواري ليکڪ اعجاز منگي ، دعا جي ڀيڻ ليلا منگي، ٻين مائٽن ، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن شرڪت ڪئي. جن ۾ پ پ جو نجمي عالم، پي ٽي آءِ ايم پي اي شهزاد قريشي، ايم اين اي آفتاب صديقي، سيما ضياءَ، فاروق ستار، راجڪمار، سنڌو نواز گھانگھرو، شيرين اعجاز، سهڻي پارس ۽ ٻيا شامل هئا. ڌرڻي ۾ پوليس ۽ سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي دعا جي ڀيڻ ليلا منگي چيو ته اسان ڪجهه نٿا ڄاڻون ته دعا کي ڪنهن ۽ ڇو اغوا ڪيو؟ 4 ڏينهن کان منهنجي ڀيڻ اغوا ڪندڙن وٽ آهي پر پوليس کيس بازياب ڪرائي ناهي سگھي. ناليواري ليکڪ اعجاز منگي چيو ته پوليس ٺلهيون ڳالهيون ڪري جاچ خراب ڪري رهي آهي، ڪڏهن مظفر جو نالو ورتو وڃي ٿو ته ڪڏهن وري چيو وڃي ٿو ته دعا جو اڳوڻو مڱيندو ملوث ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته پوليس ڪوڙ کان ڪم وٺي رهي آهي، اسان جو ڪنهن تي به شڪ ناهي، دعا جو اغوا بسما واقعي جو تسلسل آهي، انهي ڪيس جا جوابدار به اڃا تائين گرفتار نه ٿي سگھيا آهن. هن چيو ته اسان کي اسان جي نياڻي موٽائي ڏني وڃي، اسان کي پوليس کان ڪا به اميد ناهي، جيڪڏهن دعا بازياب نه ٿي ۽ اغواڪندڙ گرفتار نه ٿيا ته سڀاڻي وري ٻي ڪا نياڻي اغوا ٿي سگھي ٿي. ڌرڻي ۾ چونڊيل نمائندن دعا جي وارثن کي ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، آفتاب صديقي، شهزاد قريشي، فاروق ستار، نجمي عالم ۽ ٻين چيو ته پوليس فوري طور دعا کي بازياب ڪرائي ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪري، اسان متاثر خاندان سان گڏ آهيون

Bookmark the permalink.