تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

درگاهه کي رات جو 10 هين بجي بند ڪرڻ سبب ڀٽائي جي راڳين جي محفل اداس

ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائيندڙ اهلڪار پاڻ بنا ماسڪ جي گهمن ٿا

لاڙڪاڻو : ڪورونا ايس او پيز سبب ڀٽائي سرڪار جي درگاهه رات جو ڏهين بجي بند ڪئي وڃي ٿي جنهنڪري ڀٽائي جي راڳين جي محفل پڻ اداس ٿي وئي آهي.عام ڏينهن ۾ کين ٻڌڻ وارن عورتن توڙي مردن جا هجوم گڏ ٿي ويندا هئا پر هاڻ ڀٽائي جا فقير پنهنجو پاڻ ۾ ويهي ڊيوٽي ادا ڪن ٿا.ڀٽائي جي هڪ راڳي فقير غلام حسين ٻڌايو ته ماڻهون هجن يا نه هجن اسان پنهنجي مرشد ڀٽائي سرڪار جي ڊيوٽي روزانو ڏيون ٿا. ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرائن واري پوليس پاڻ بنا ماسڪ جي درگاهه تي گشت ڪري رهي آهي.جڏهن ته زائرين کان پڻ ماسڪ پائڻ جي پڇا ڳاڇا نٿي ڪئي وڃي. ڀٽ شاهه پوليس هڪ طرف ڪورونا ايس او پيز تي عمل درآمد ڪرائڻ جي ڳالهه ڪري ٿي پر ٻئي طرف درگاهه تي ڊيوٽيون ڏيندڙ اهلڪار پاڻ بنا ماسڪ جي گهمي رهيا آهن. ڪورونا ايس او پيز تحت کين زائرين کي پڻ ماسڪ پائڻ جي هدايت ڪرڻي آهي پر ڀٽ شاهه پوليس نه پاڻ ماسڪ پائي ٿي نه زائرين کان ماسڪ جو پڇاڻو ڪري ٿي.

Bookmark the permalink.