تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

درگاهه ڀٽ شاهه جي صحن ۾ ترسڻ تي پابندي برقرار، انتظاميا مسافر خانا به بند ڪري ڇڏيا

ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي بعد درگاهه کي کوليو ويو، مسافرخانن ۾ ماڻهن جي رهڻ تي پابندي آهي

درگاهه جا دروازا ته کوليا اٿن پر اڌورا، ماڻهن کي اندر صحن ۾ سمهڻ جي اجازت نٿا ڏين: زائرين

لاڙڪاڻو ( رپورٽ: نثار کوکر) ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي سبب ڀٽائي سرڪار جي درگاهه جا دروازا عام زائرين لاءَ کوليا ته ويا آهن پر ڀٽائي جي پانديئڙن سان درگاهه تي ويڌن جاري آهي. ڀٽائي سرڪار جي ڪشادي اڱڻ ۾ ٺهيل سرڪاري مسافرخانا عوام لاءَ بند پيل آهن. ان ڪشادي صحن تي اڪثر زائرين راتين جون راتيون رهي پنهنجي من جون مرادون باسون باسيندا آهن.انهن مسافر خانن ۾ عورتن لاءَ ترسڻ جا الڳ هال تعمير ڪرايل آهن پر ڀٽ شاهه پوليس درگاهه تي عوام آزار روش جاري رکي آهي جنهنڪري پري پري کان آيل ڀٽائي جا پانڌيئڙا عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت کليل آسمان هيٺ ان روڊ تي ستل آهن جتي زائرين جا جوتا رکڻ واري جڳهه ٺهيل آهي.عام خلق ۽ پوليس رات جو ستل عورتن ۽ ٻارڙن کي لتاڙي رستو ٺاهي درگاهه طرف وڃي ٿي. ان ڏس ۾ بلوچستان جي ڊيره مراد جمالي کان آيل هڪ پانڌيئڙي محمد عيسي جمالي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اڳم درگاهه تي اچي سڪون حاصل ٿيندو هو ٻارڙن جي پرواهه نه هوندي هئي پيا ڀٽائي جي صحن ۾ هلندا هئا پر هاڻي سڄي سڄي رات جاڳي سندن حفاظت ڪرڻي پوي ٿي.هن چيو ته درگاهه جا دروازا ته کوليا اٿن پر اڌورا.ماڻهن کي اندر صحن ۾ سمهڻ جي اجازت نٿا ڏين.جڏهن ته ڪشمور کان آيل عبدالحميد مزاري پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسين ڀٽائي جا اهي پانڌيئڙا آهيون جيڪي سڄي سڄي رات جاڳي ڀٽائي جو در جهلي دعائون گهرندا آهيون پر هاڻي رات جا ڏهه ٿين ٿا ته پوليس وارا لٺيون کڻي اچي مٿان ٿا بيهن ته درگاهه مان ٻاهر نڪرو.هن چيو ته ڪورونا سبب اسان مهينن جا مهينا مرشد جي در تي حاضري نه ڀري هئي پر هاڻي اچي به اها سڪ نه لٿي آهي. ٻئي طرف درگاهه سنڀاليندڙ اوقاف کاتي جي عملدارن سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انهن جو ڪو به ذميوار عملدرا موجود نه هيو جڏهن ته درگاهه تي ڊيوٽي ڏيندڙ ڀٽ شاهه پوليس جي اهلڪار رب ڏني ٻڌايو ته اسانکي مٿان کان جيڪو حڪم آهي ان تي عمل پيا ڪرايون.ڪرونا جي ايس او پيز تي عمل ڪرايون ٿا.

Bookmark the permalink.