تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

دريا خان مري لڳ 3 ٻارڙا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، 2 ڀاءُ ڀيڻ فوت، هڪ نينگر کي ڳوٺاڻن بچائي ورتو

دريا خان مري (رپورٽ: عبدالحفيظ پلهه) درياخان مري ڀرسان ڳوٺ لڙ ۾ برسات جي پاڻي ۾ وھنجندي ڀاءُ ڀيڻ 6 سالن جو دلشان لاشاري ۽ 5 سالن جي دلشانه لاشاري موقعي ٻڏي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ھڪ نينگر 8 سالن جي ڪاشف لاشاري کي بيھوشي جي حالت ۾ برسات جي پاڻي مان ڪڍيو ويو. علائقي واسين ميھرالدين لاشاري، احسان لاشاري، عبدالرشيد لاشاري، لياقت لاشاري صحافين کي ٻڌايو ته گذريل ڪيترن ئي ڏينھن کان گھرن ڀرسان برسات جو گوڏي جيڏو بيٺل پاڻي نيڪال نه ڪرڻ سبب برسات جي بيٺل پاڻي ۾ 3 معصوم ڀاءُ ڀيڻ وھنجي رھيا ھئا ته ھڪ معصوم نينگر دلشان لاشاري ٻڏڻ لڳو جنھن کي بچائڻ لاءِ سندس ڀيڻ دلشانه لاشاري برسات جي وڏي بيٺل پاڻي ۾ لٿي ته اھا به برسات جي پاڻي ۾ ٻڏي وئي جنھن بعد ٽيون ڀاءُ 8 سالن جو ڪاشف کين ڪڍڻ لڳو ته اھو به ٻڏڻ لڳو جنھن جي رڙين تي گھرن ۾ ويٺل گھر ڀاتين پھچي ڀاءُ ڀيڻ جا لاش برسات جي پاڻي مان ڪڍيا جڏھن ته ڪاشف کي بيھوشي جي حالت ۾ ڪڍيو ويو، ھڪ وقت 2 لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو. جڏھن ته والدين کي بيهوشيءَ جا دورا پوڻ لڳا. آخري اطلاعن تائين حد جي پوليس سرڪاري عملدار توڙي چونڊيل نمائندن مان ڪوبه واقعي واري ھنڌ نه پھتو.

Bookmark the permalink.