تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

درياهه ۾ چاڙهه سجاول جو ڪچو ٻوڙي ڇڏيو، ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ، مال جو چارو ختم، ٻيڙين ذريعي پڪي ڏانهن لڏپلاڻ

ڪوٽ عالمون، رانٽا، سورجاڻي، ٻيلو، دمدمون، منارڪي، ٻوڙاڻو بنگلو ۽ ڪوري جي ڪچي وارا علائقا پاڻي ۾ چاڙھ اچڻ ڪري ٻڏي ويا

واريءَ جي مٿانھين دڙن تي آباد شيدي، ناريجا، پنھور، خاصخيلي، ڏاھري، منارا، ٻوڙاڻا، ملاح، پاتڻي، پنھور ۽ ڪڙولائي برادرين جا سوين ڳوٺ ٻڏل

سجاول (رپورٽ: مشتاق سعيد) سجاول ڀرسان درياھ ۾ چاڙھ سبب ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آهن، بند تائين پھچڻ جا رستا ٻڏل هئڻ ڪري ماڻھو ٻاهر اچڻ لاءِ ٻيڙيون استعمال ڪرڻ لڳا آهن، علائقي ۾ چوپائي مال جو چارو ختم ٿي ويو آهي، بک وگھي ڍور مرڻ جو خدشو پيدا ٿي پيو آهي پر، انتظاميا ڪچي واسين جي واھر نه ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سجاول ضلعي ۾ ايندڙ سنڌو درياءَ جي حدن ڪوٽ عالمون، رانٽا، سورجاڻي، ٻيلو، دمدمون، منارڪي، ٻوڙاڻو بنگلو ۽ ڪوري جي ڪچي وارا علائقا پاڻي ۾ چاڙھ اچڻ ڪري ٻڏي ويا آھن. ڪچي ۾ واري جي مٿانھين دڙن تي آباد شيدي، ناريجا، پنھور، خاصخيلي، ڏاھري، منارا، ٻوڙاڻا، ملاح، پاتڻي، پنھور ۽ ڪڙولائي برادرين جا سوين ڳوٺ دريائي پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آھن ڳوٺن کان بچاء بند ڏانھن ويندڙ رستا ٻڏي وڃڻ ڪري رھواسي ٻيڙين ذريعي ڪچي مان ٻاھر نڪري سيڌو سامان وٺن ٿا کين شديد مشڪلات کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آھي ان کان علاوه ڪچي جي ڳوٺن ۾ موجود چوپائي مال جو چارو ٻڏي ختم ٿي ويو آھي، جنھن ڪري سوين ڍور بکن ۾ پاھ ٿي رھيا آھن ۽ چارو نه ھجڻ ڪري بک وگھي سوين ڍور مري وڃڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي، پر انتظاميا ڪچي واسين لاء ڪي به اپاءُ نه ورتا آھن. ان ڏس ۾ ڪچي جي ڳوٺاڻن ابراھيم پاتڻي، علي اصغر پنھور، دين محمد منارو، رجب خاصخيلي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جا ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا آھن، اسان ٻيڙين ذريعي ٻاھر اچون ٿا پر ننڍين ٻيڙين ۾ چوپائي مال کي کڻي نه ٿا سگھون ۽ ڪچو ٻڏڻ ڪري مال جو چارو ختم ٿي ويو آھي جنھن ڪري سوين جانور بک سبب بي حال ٿي ويا آھن ۽ ڍور مري وڃڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي ھنن چيو اڃا تائين ڪو به انتظامي عملدار سار لھڻ نه آيو آھي جيڪڏھن واھر نه ڪئي وئي سوين جانور مري ويندا ۽ لکين روپين جو نقصان ٿيندو ھنن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آھي ته ڪچي واسين جي سار لھي سندن واھر ڪئي وڃي

Bookmark the permalink.