تازا ترين
  • *گمبٽ: ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر: عورت مجاهدان شيخ فوت، نينگري جويه شيخ سميت 3 زخمي*
  • *روهڙي: بيماري ۽ بي روزگاري کان تنگ اچي نوجوان 30 ورهين جي سيد منصور حسين پٽ غلام شاھ درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو*
  • *لاڙڪاڻو: رتوديرو ڀرسان راولپنڊي واسڻ عورت لاوارث حالت ۾ هٿ، ٽرسٽ حوالي*
  • *ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان غلام مصطفيٰ پٽ پير بخش گولو جي اغوا جي تصديق، وارثن سان فون تي رابطو، بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ تي زور * ڪنڌڪوٽ: مغوي نوجوان غلام مصطفيٰ گولو پنهنجي چاچي کي فون ڪري اغوا بابت ٻڌايو * ڪنڌڪوٽ: نوجوان 15 ڏينهن اڳ عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪنڌڪوٽ ڀرسان کنڀجي ويو هو *
  • *لکي غلام شاهه ويجهو اسڪول ۾ شاگردياڻي زيبا ڌيءُ استاد جاويد علي ڪلوڙ بيهوش، اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ويجهو چوري دوران هٿياربندن هٿان مارجي ويل نوجوان جي خون جو جرڳو: 27 لک رپيا ڏنڊ، ڌريون کير کنڊ * تنگواڻي: سردار محبوب خان بجاراڻي جي سرپئنچي ۾ جرڳو، شاهه محمد جعفري تي الزام ثابت * تنگواڻي: جوابدار ڌر ڏنڊ جي رقم مان 2 لک رپيا ادا ڪري ڇڏيا، رهيل رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي *
  • چيف جسٽس طرفان پي آءِ سي ۾ هنگامن تي افسوس جو اظهار*وڪيل ۽ ڊاڪٽرز معتبر پيشا آهن، اُميد ته مستقبل ۾ به وري نه ٿيندو: چيف جسٽس آصف سعيد کوسه*
  • نواز ليگ اڳواڻ احسن اقبال کي سوڙهو ڪرڻ جون تياريون: نيب جا نارووال ۾ ڇاپا*
  • اٽارني جنرل انور منصور کي هٽائڻ لاءِ سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست*انور منصور جي عمر 65 سالن کان وڌيڪ آهي: درخوست ۾ صدر، وزيراعظم ۽ ٻين کي ڌُر بڻايو ويو *

داد لغاري ويجهو هڪ سال اڳ عورت هٿان پهاڄ جي قتل واري معاملي جو جرڳو، جوابدار عورت ۽ سندس مڙس تي 14 لک رپيا ڏنڊ

جرڳو گبول برادري جي سربراھ سردار عبدالحميد خان گبول جي سرپئنچي ۾ ٿيو

ڏنڊ جي سموري رقم وصول ڪرڻ بعد ڪيس واپس ورتو ويندو: فريادي اصغر گبول

دادلغاري (رپورٽ: آدم پتافي) داد لغاري ويجهو عورت هٿان مبينا طور پهاڄ جي قتل ٿيڻ واري معاملي جو جرڳو، الزام هيٺ آيل عورت ۽ سندس مڙس تي 14 لک رپيا ڏنڊ. دادلغاري ٿاڻي جي حد ۾ هڪ سال اڳ مائي سميع گبول مبينا طور پنهنجي پهاڄ مائي شبيران گبول کي بندوق جا فائر هڻي قتل ڪري ڇڏيو. گرفتاري بعد هن ڏوهه جو اعتراف به ڪيو ويو. سموري معاملي جو جرڳو گبول برادري جي سربراھ سردار عبدالحميد خان گبول جي سرپئنچي ۾ ٿيو، جنهن دوران جوابدار عورت مائي سميع گبول ۽ سندس مڙس نيڪ محمد گبول ۽ ڏير طوطو گبول کي ڏوهي قرار ڏئي مٿس 14 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، هڪ لک رپيا معاف ڪرڻ بعد جوابدار ڌر مقتولا جي ڀاءُ کي موقعي تي ڏيڍ لک رپيا ادا ڪيا. رهيل رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. مقتولا جي ڀاءُ ۽ قتل ڪيس جي فريادي اصغر گبول جرڳي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته ڏنڊ جي مڪمل رقم وصول ڪرڻ بعد ڪيس واپس ورتو ويندو. جڏهن ته سردار عبدالحميد خان گبول رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار ڌر مٿان ڏنڊ وجهي ڌرين ۾ صلح ڪرائي آهي. واضح رهي ته انهي ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار مائي سميع خاتون جيل ۾ قيد آهي.

Bookmark the permalink.