تازا ترين
  • ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات، موسم خوشگوار*سُپر هاءِ وي، نارٿ ڪراچي، ڊفينس ۽ ڪلفٽن سوڌو ڀرپاسي ۾ وسڪارو* برسات کانپوءِ هيٺائين علائقن ۾ پاڻي بيهڻ شروع، انتظاميه الرٽ*
  • سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽيءَ تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان، شهري ٻوڏ جو خطرو، وڏي وزير چونڊيل نمائندن جي ڊيوٽي لڳائي ڇڏي*برسات دوران سنڌ ۽ مڪران جي ساحل تي سامونڊي ويرون طوفان جيان هونديون: موسميات کاتو*صوبائي وزير ناصر شاهه جي ڪي ايم سي، ڊي ايم سيز، واٽر بورڊ، واسا ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي متحرڪ رهڻ جي هدايت*

دادو ۾ ڳوٺاڻن پاران بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف ايس ڊي او حيسڪو جي گهر جو گهيراءُ، بجلي به ڪٽي ڇڏي

مڇريل ڳوٺاڻن ايس ڊي او حيسڪو جي گهر ويندڙ بجلي جي لائين به ڪٽي ڇڏي

عيد جي ڏينهن گرمي ۾ مرون پيا، بجلي ڪونهي، ايس ڊي او ڪيئن بجلي هلائيندو:ڳوٺاڻا

دادو (ن پ ا) دادو ۾ ڳوٺاڻن پاران بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف ايس ڊي او حيسڪو جي گهر جو گهيراءُ، بجلي به ڪٽي ڇڏي، دادو ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ خلاف ڳوٺاڻن احتجاج ڪيو ويو، ڳوٺاڻن ايس ڊي او حيسڪو جي گهر جو گهيراءُ ڪيو، مڇريل ڳوٺاڻن ايس ڊي او حيسڪو جي گهر ويندڙ بجلي جي لائين به ڪٽي ڇڏي، خدآباد فيڊر تي بجلي جي بدترين لوڊ شيڊنگ سبب ڳوٺاڻن مجيب قريشي جي گهر جو گهيراءُ ڪيو، ڳوٺاڻن ايس ڊي او جي گهر ويندڙ بجلي جي لائين ڪٽي ڇڏي، ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته عيد جي ڏينهن اسان غريبن جي بجلي ڪونهي ته ايس ڊي او ڇو پيو بجلي هلائي، سڀ هڪجهڙا ٿيون، بدترين بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب شديد پريشان آهيون، دانهون ڪرڻ باوجود ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونهي.

Bookmark the permalink.