تازا ترين
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

دادو ۾ پي ٽي آءِ ڪائونسلر امتياز شاهاڻي جو سڙيل لاش ملڻ وارو مامرو ڳجهارت بڻيل، ڪيس به داخل نه ٿيو

80 سيڪڙو شاهديون آهن ته ڪائونسلر پاڻ کي پاڻ ساڙيو: پوليس

ڪائونسلر موندر مان رات جو اڍائي وڳي 100رپين جو بوتل ۾ پئٽرول ورتو

دادو (ن پ ا) دادو ۾ پي ٽي آءِ ڪائونسلر امتياز شاهاڻي جو سڙيل لاش ملڻ وارو مامرو ڳجهارت بڻيل آهي، ڪائونسلر جي لاش ملڻ کي 24 ڪلاڪ گذرڻ باوجود ڪيس به داخل نه ٿيو، پوليس جو چوڻ آهي ته 80 سيڪڙو شاهديون آهن ته ڪائونسلر پاڻ کي پاڻ ساڙيو، جاچ ڪريون پيا، ڪائونسلر رات جو 2 وڳي موبائيل ۽ ٻٽون گهر ڇڏي ٻاهر نڪري ويو هو. ڪائونسلر موندر مان رات جو اڍائي وڳي 100رپين جو بوتل ۾ پئٽرول ورتو آهي، واقعو آپگهات ئي آهي.

Bookmark the permalink.