تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

دادو ۾ ٻن عورتن پاران زهر پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل

دادو (رپورٽر) دادو ۾ عورت مسمات ممتاز زال سڪندر ميڻو گهرو ڳالهين کان ناراض ٿي زندگي جو انت آڻڻ لاءِ زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو، جتي واش ڪري کيس هوش ۾ آندو ويو آهي. هوڏانهن هڪ ٻئي عورت مسمات ضميران پڻ گهرو ڳالهين تان ناراض ٿي زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي پڻ دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

Bookmark the permalink.