تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

ايس پي آفيس جيڪب آباد جي دادو واسي ڪلارڪ مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو: وارث ۽ پوليس ڪارڻ کان اڻڄاڻ

نويد جمالي ڪجهه ڏينهن اڳ موبائيل ۽ ڪار وڪرو ڪري ڇڏي هئي: علائقي واسي

دادو (رپورٽر) دادو ۾ نوجوان پاڻ مٿان رپيٽر جو فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، نيو بس اسٽاپ وٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڊاڪٽر نظير احمد جمالي جي ڀائٽي نويد احمد جمالي پاڻ کي گهر جي ڪمري ۾ بند ڪري رپيٽر جو فائر ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، نويد جمالي جو لاش دادو اسپتال آڻڻ بعد ضروري ڪاروائي کانپوءِ ڳوٺ پير ڳڻيو نيو ويو. وارثن ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان طرفان آپگهات ڪرڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا آهن، ٻئي پاسي علائقي ۾ چئوٻول آهن ته نويد جمالي گهڻي عرصي کان ذهني دٻاءُ جو شڪار هو، ڪجهه ڏينهن اڳ هُن پنهنجو موبائيل فون ۽ ڪار به وڪڻي ڇڏي هئي.

Bookmark the permalink.