تازا ترين
  • *فوج، رينجز ۽ پوليس پاران گشت دوران ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو سلسلو جاري*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي اڄ ستين ڏينهن تي ننڍا وڏا شهر بند روڊ رستا ويران بڻيل، ڪاروبار بند هجڻ سبب لکين پورهيت پريشان*
  • *ڪورونا وائرس: پوري دنيا ۾ فوتين جو انگ 30 هزار کان وڌيڪ ٿي ويو*
  • * آمريڪا ۾ هڪ لک کان وڌيڪ متاثر، چين ۾ غيرملڪين جي داخلا تي عارضي طور پابندي*
  • *برطانوي وزيراعظم بورس جانسن، ان جي هيلٿ سيڪريٽري به وائرس ۾ ورتل*
  • *موجوده صورتحال تي ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چيني صدر شي جن پنگ ۾ رابطو*
  • *ٻين ملڪن مان ايندڙ شهرين کي هوٽل ۾ قرنطينه ڪيو ويندو:آسٽريلوي وزيراعظم*
  • * ڀارتي حڪومت 23 ارب امدادي پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي*

دادو ۾ معصوم نياڻي حوس جو نشانو بڻجي وئي

نينگري کي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي کيس بيهوشي جي حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو، جوابدار گرفتار

دادو ( رپورٽر ) دادو ۾ وحشي جوابدار جي معصوم نياڻي سان جنسي زيادتي، رت نه بيهڻ ڪري نينگري جو آپريشن ڪيو ويو، الزام هيٺ آيل جوابدار گرفتار. ملاح چوڪ وٽ هڪ جوابدار 8 سالن جي نينگري کي حوس جو نشانو بڻائڻ بعد کيس بيهوشي جي حالت ۾ گهر ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويو. ذريعن موجب متاثر نينگري جي مائٽن واقعي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پر رت نه بيهڻ ڪري کيس سول اسپتال آندو ويو، جتي سندس آپريشن ڪرڻ بعد نياڻي کي گائني وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو. ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ نينگري جا جزا به ورتا ويا، پوليس متاثر نينگري جي نشاندهي تي الزام هيٺ آيل جوابدار علي رضا کي گرفتار ڪري ورتو.

Bookmark the permalink.