
راڌڻ (ن پ ا) دادو ضلع جي پوليس موبائيل ۾ شڪاري ڪتا کڻڻ لڳي. شاھ پنجو ٿاڻي جي موبائيل ۾ شڪاري ڪتو نيو پيو ويو جنھن سان گڏ ٽي ڪارون پڻ ھيون جيڪي ميھڙ کان شاھ پنجو وڃي رھيا ھئا. پوليس موبائيل ۾ سوار شخص کان جڏھن ڪتي بابت پڇيو ويو ته ھن ٻڌايو ته شوق جو ڪتو آھي. ٻئي طرف ذريعن موجب ايس ايچ او شاھ پنجو سجاد جمالي جي حڪم تي شوقيا شڪاري ڪتو گھرايو ويو آھي، جيڪو ھن پنھنجي دوست جي فرمائش تي آندو ويو آھي. ٻئي طرف رابطي تي ايس ايچ او شاھ پنجو ٻڌايو ته ڪتو منھنجو آھي.