تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

دادو ميونسپل ملازمن کي پگهار نه ملي، مظاهرو، علامتي بک هڙتال

دادو ( رپورٽر ) دادو ميونسپل جي ملازمن پگهار نه ملڻ خلاف ڪم ڇڏ هڙتال ڪري منظور ۽ بشير احمد سولنگي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ميونسپل ۾ ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او آفيس آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي. احتجاج ڪندڙ ملازمن دانهيو ته سنڌ حڪومت جي اعلان تحت سڀني کاتن جي ملازمن جي پگهار 28 آگسٽ تي ٿي پر ميونسپل ملازمن جي پگهار اڃا تائين نه ٿي آهي، جنهن سبب ملازمن جا خاندان فاقا ڪٽي رهيا آهن. هنن مطالبو ڪيو ته پگهار ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي. هوڏانهن ميونسپل جي ايڊمنسٽريٽر اسسٽنٽ ڪمشنر محمد علي لنڊ ميونسپل ملازمن جي بک هڙتالي ڪئمپ تي پهچي پگهار ڏيڻ جي خاطري ڪرائي.

Bookmark the permalink.