تازا ترين
  • *نيب چيئرمين جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ وڊيو لنڪ اجلاس *اجلاس ۾ ڊي جي بيورو لاهور، ڊي جي راولپنڊي به شريڪ * اجلا س ۾ ميگا ڪرپشن ڪيسز ۾ اڳڀرائي جو جائزو ورتو پيو وڃي: ذريعا*
  • *سنڌ اندر آپگهات جا واقعا: مقصودو رند ۽ غوثپور ڀرسان ناري ۽ نوجوان حياتيون وڃائي ويٺا*
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

دادو مان پي ٽي آءِ ڪائونسلر امتياز شاهاڻي جو سڙيل لاش هٿ

ڪا اهڙي پريشاني نه هئي جو ڀاءُ خودڪشي ڪري: پيار علي

دادو (رپورٽ: فتاح شيخ) دادو ۾ پي ٽي آءِ ڪائونسلر امتياز شاهاڻي جو سڙيل لاش مليو آهي، پوليس امتياز شاهاڻي جي موت کي آپگهات قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪائونسلر پاڻ کي باهه ڏني. 33 ورهين جي امتياز شاهاڻي جو لاش موندرٿاڻي ڀرسان درگاهه شهنشاهه وٽان مليو آهي. ڪائونسلر جي وارثن جو چوڻ آهي ته امتياز شاهاڻي رات جو 11 وڳي گهر آيو ۽ 2 وڳي کانپوءِ ٻيهر گهر کان ٻاهر نڪري ويو ۽ صبح جو هن جو سڙيل لاش مليو. ڪائونسلر جي ڀاءُ پيار علي جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني نه آهي، نه ڪا اهڙي پريشاني هئي جو ڀاءُ خودڪشي ڪري. پوليس جو چوڻ آهي ته امتياز شاهاڻي پاڻ کي باهه ڏئي خودڪشي ڪئي آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر غلام حسين پنهور جو چوڻ آهي ته امتياز جو سڄو جسم سڙيل آهي، سندس جسم تي تشدد جو ڪو به نشان نه آهي، نه ئي ڪو هڏو ڀڳل آهي. ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته لاش جا جزا وٺي ليبارٽري موڪليا آهن، حتمي رپورٽ اچڻ کانپوءِ خبر پوندي ته سندس موت ڪيئن واقع ٿيو آهي.

Bookmark the permalink.