تازا ترين
  • ڪراچي ڪميٽي جي نالي سان ڪابه ڪميٽي ناهي: وزيرن تي ٻڌل ڪميٽي صوبي ۾ منصوبن آڏو پيدا ٿيل رنڊڪون ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندي:وڏو وزير*ملڪ ۾ اڳ ئي مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي، مٿان وري وفاقي حڪومت دوائون مهانگيون ڪري ڇڏيون: وڏو وزير مراد علي شاهه*ايم ڪيو ايم وٽ سياست لاءِ ڪجهه ناهي هوندو ته سنڌ ورهائڻ جون ڳالهيون ڪندي آهي، سنڌ جو عوام ورهاڱو ڪڏهن به برداشت نه ڪندو:مراد شاهه*
  • طلال چوڌري تي مبينا حملي جِي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿي*پوليس جاچ ڪميٽي ڪوششن باوجود طلال چوڌري ۽ نون ليگ ايم اين اي عائشه رجب جا بيان رڪارڊ ڪرڻ ۾ ناڪام*

دادو: فوڊ آفيسرن ۾ نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ جي معاملي تان تڪرار تيز

دادو (رپورٽر)  فوڊ کاتي دادو ۾ ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون خرد برد ڪرڻ تي معطل ڪيل 7 فوڊ انسپيڪٽرن ۽ ڊي ايف سي دادو وچ ۾ نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ نه ڏيڻ تان تڪرار تيز ٿي ويو آهي. ذرين موجب دادو ۾ سال 2018 دوران فوڊ کاتي جي گودامن مان ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون خرد برد ڪرڻ واري ڪرپشن اسڪينڊل ۾ ملوث 7 فوڊ انسپيڪٽرن پاران ڊي ايف سي دادو کي نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڏو پيو وڃي، جڏهن ته ڊي ايف سي دادو کين نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تان ڌرين ۾ سخت ڇڪتاڻ پيدا ٿي پئي آهي. ان ڏس ۾ ڊي ايف سي دادو منصور احمد ميراڻي ٻڌايو ته فوڊ انسپيڪٽر اصغر پنهور، الهبچايو، انعام ابڙو ۽ ٻين تي ڪڻڪ خرد برد ڪرڻ جون ايف آءِ آرز داخل ٿيل آهن ۽ هنن رهيل ڪڻڪ به اڃا تائين جمع ناهي ڪرائي ۽ نه ئي ضمانتون ڪرايون آهن. هن چيو ته اهڙي صورتحال ۾ کين نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ ڪيئن ڏئي سگهجي ٿو. ٻئي طرف فوڊ انسپيڪٽر اصغر پنهور، الهبچايو ۽ انعام ابڙو جو چوڻ آهي ته هنن جي ڪڻڪ جمع ٿيل آهي، رشوت نه ڏيڻ تان ڊي ايف سي دادو نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ نه پيو ڏئي.

Bookmark the permalink.