تازا ترين
  • *گمبٽ ۾ بيروزگار نوجوان راشن نه هجڻ ڪري پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي، 90 سيڪڙو جسم سڙي ويو*
  • *ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جي راڪاس جا لامارا جاري، وڌيڪ 5 معصوم گلڙا ڪومائجي ويا*
  • *ڪورونا وائرس سان وڙهڻ لاءِ ايراني صدر حسن روحاني پاران عالمي مالياتي اداري کي ايمرجنسي لون جي اپيل * ڪورونا وائرس کي شڪست لاءِ 5 ارب ڊالرز ايمرجنسي لون ڏنو وڃي: ايراني صدر حسن روحاني *
  • *ٽوئٽر جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر جيڪ ڊورسي پاران اثاثن مان هڪ ارب ڊالرز ڪورونا وائرس رليف فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان * ڪورونا وائرس رليف فنڊ لاءِ ڏنل فنڊ ذاتي ملڪيت جو 28سيڪڙو آهي: ٽوئٽر ايگزيڪٽو *
  • *لاهور ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس *چيف سيڪريٽري پنجاب طرفان ڪورونا وائرس ۽ حڪومت طرفان کنيل قدمن جي حوالي سان آگاهي *صدر عارف علوي پاران وائرس متاثرن مريضن کي علاج جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت *
  • *وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا بابت نيشنل ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو اجلاس *اجلاس ۾ لاڪ ڊائون ۾ 14 اپريل کانپوءِ واڌ يا نرمي سميت اهم معاملن تي غور ويچار *
  • *وزيراعظم جي صحت بابت خاص معاون ڊاڪٽر ظفر مرزا جي سپريم ڪورٽ آمد، ڪورونا وائرس بابت بريفنگ *ڪورونا وائرس جي تدارڪ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: ڊاڪٽر ظفر مرزا *جيڪو اندازو لڳايو ويو هو، انهيءَ حساب سان گهٽ ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽ فوتگيون به گهٽ ٿيون آهن: ظفر مرزا *
  • *بيمارين بابت ڊيٽا ڏسندڙ عالمي اداري پاران ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ سڄي يورپ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيڻ جي اڳڪٿي *آگسٽ تائين سڄي يورپ ۾ برطانيا سڀني کان متاثر ٿيندڙ ملڪ هوندو: انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ميٽرڪس اينڊ اِيويليوئيشن * برطانيا ۾ فوتگيون 40سيڪڙو، 66 هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي * ڪورونا وائرس سبب برطانيا ۾ هر ڏينهن 3 هزار ماڻهو موت جو شڪار جو امڪان آهي: آءِ ايڇ ايم اِي*
  • *وزيراعظم عمران خان قرضن بابت جاچ ڪندڙ ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي * ڪميشن 2008 کان 2018 تائين 24 سئو ارب روپين جي قرضن جي رپورٽ تيار ڪري ورتي: ذريعا *2400 ارب روپين جي قرضن ۾ سنگين بي ضابطگين جو انڪشاف، رپورٽ ايندڙ هفتي وزيراعظم ڏانهن اماڻي ويندي *رپورٽ ۾ 21 ادارن سان لاڳاپيل 250 ماڻهن جي ڪردار نشاندهي سان گڏ ترقياتي منصوبن ۾ اختيارن جو غلط استعمال ۽ ڪڪ بيڪ جي نشاندهي ڪئي وئي *
  • *ڳڙهي خيري ڀرسان اوڍا ۽ جکراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 ڄڻا زخمي*
  • *سانگهڙ ۾ پنهنجي ئي گهر اندر نوجوان کي قتل ڪندڙ 2 جوابدار گرفتار*
  • *سنڌ ۾ لاڪ ڊائون کي 17 ڏهاڙا ٿي ويا، اڪثر شهرن ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه به وڌي ويا، پورهيت طبقو شديد پريشان*
  • *ڪورونا وائرس دنيا جي 209 ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، پوري دنيا ۾ 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ متاثرن جو انگ وڌي 4 هزار 72 ٿي ويو*
  • *شور ڪوٽ: مني ٽرڪ بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت *

دادو: عقيقي جي دعوت جي بهاني گهرايل رقاصائن کي يرغمال بڻائڻ جي الزام ۾ نبن خان لنڊ جي ٻن پٽن سميت 3 جوابدار گرفتار، ريمانڊ تي جيل منتقل

نبن خان جي پٽن ظفر، اميد علي لنڊ ۽ سندن دوست خلاف ڪيس داخل

عدالت 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي ٽنهي جوابدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو

دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان رقاصائن کي مبينا طور يرغمال بڻائڻ جي الزام هيٺ اڳوڻي تعلقي ناظم نبن خان لنڊ جي ٻن پٽن سميت 3 ڄڻا گرفتار. ريمانڊ تي جيل منتقل. ڳوٺ ڪريمداد لنڊ ۾ عقيقي جي دعوت جي بهاني اڳوڻي تعلقه ناظم دادو نبن خان لنڊ جي پٽن پاران شهيد بينظير جي لطيف آباد ڪالوني مان رقاصائن کي گهرايو ويو، رات دير سان ڳوٺ ڪريمداد لنڊ ۾ پهتيون ته عقيقي واري دعوت نه هئڻ ڪري هو واپس موٽي رهيون هيون ته کين يرغمال بڻائي زبردستي روڪيو ويو، مزاحمت ڪرڻ تي رقاصائن اوطاق ۾ بند ڪيو ويو. سندن ڊرائيور ارباب پٽ افتخار وجهه وٺي دادو پهتو ۽ اي سيڪشن ٿاڻي پوليس کي واقعي بابت اطلاع ڏنو. جنهن کانپوءِ پوليس اٽالن ڳوٺ ڪريمداد لنڊ ۾ اوطاق تي ڇاپو هڻي يرغمال بڻايل رقاصائن کي هٿ ڪيو ۽ پوءِ نبن خان لنڊ جي ٻن پٽن ظفر خان لنڊ، اميد علي لنڊ ۽ سندن دوست اصغر عرف اسد اعواڻ کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو، جنهن بعد پوليس ڊرائيور بابر اعواڻ جي فرياد تي نبن خان جي پٽن ۽ سندن دوست اصغر خلاف جهيڙي جو ڪيس داخل ۽ رڳو اصغر عرف اسد اعواڻ خلاف 13 ڊي جو ڪيس داخل ڪيو، پوليس گرفتار جوابدارن کي ڪنزيومر ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، عدالت 14 ڏينهن جي ريمانڊ تي ڊسٽرڪٽ جيل اماڻي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.