تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

دادو: برساتن سبب گدامن ۾ رکيل هزارين ٻوريون ڪڻڪ خراب، حڪومت کي ڪروڙن جو نقصان

دادو (رپورٽر) برسات سبب دادو جي گودامن ۽ ڪچن سينٽرن تي ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون خراب ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن سان سنڌ حڪومت کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڦڪا سينٽر ، ڦلجي اسٽيشن ون، ٽو، فريدآباد، چنگلاڻي، سيتا ۽ ٻين سينٽرن تي ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون کلئي آسمان هيٺ پيل هئڻ ڪري برسات ۾ ٿي ويون آهن، ڄاڻايل فوڊ سينٽرز جي ملازمن پاران خراب ٿيل ڪڻڪ ٻورين مان ڪڍي سڪائي پئي وڃي، پر ڪڻڪ ڳوڙها ٿي سينوارجي ڪاري ٿي وئي آهي، جڏهن ته اسپري نه ڪرائڻ سبب ڪڻڪ کي سرو پڻ وڪوڙي ويو آهي. هوڏانهن واپارين وٽان ڇاپن دوران هٿ ڪيل هڪ لک 40 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون امانت طور ملز ۾ رکيون ويون هيون، جيڪا پڻ واپارين کڻائي ميهڙ گودام تي پهچائي پر ڪڻڪ ۾ سرو لڳل هئڻ ڪري فوڊ انسپيڪٽر اسحاق مگسي ڪڻڪ گدام تي لهرائڻ بدران واپس ڪري ڇڏي. ان حوالي سان ميهڙ، راڌڻ، ڪي اين شاھ جي واپارين حاجي محمد عرس مهيسر ، عبدالحميد جانوري، حفيظ قمبراڻي ، ممتاز جانوري ، محمد صالح کوسو ۽ ٻين ڊي ايف سي آفيس دادو ۾ سخت احتجاج ڪندي دانهيو ته سرو لڳڻ ڪري 25 سيڪڙو ڪڻڪ پائوڊر ٿي خراب ٿي چڪي آهي، ان ڪري اسان پنهنجي خرچ سان ملز مان ڪڻڪ کڻائي ميهڙ گودام تي پهچائي پر فوڊ انسپيڪٽر اها ڪڻڪ اسان کي واپس ڪئي آهي. ڊي ايف سي دادو منصور احمد ميراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪانٽريڪٽ تحت ٺيڪيدار دادو ضلعي جي گدامن ۽ سينٽرن تي پيل ڪڻڪ کڻائي ها ته نقصان نه ٿئي ها، برساتن سبب ڪڻڪ خراب ٿي آهي. هن چيو ته خوراڪ کاتي سنڌ جي سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر کي جولاءِ ۾ ئي ڪڻڪ کڻائڻ لاءِ ليٽر موڪليا هئا پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو.

Bookmark the permalink.