تازا ترين
  • سنڌ ۾ ٽئين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري، ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن رستن بيٺل پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو*ڪراچي، سيوهڻ، فيض گنج، مورو،جوهي، ڦل خيرپور، گهوٽڪي، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ڪنڌڪوٽ، سکر،ن وشهروفيروز، دادو، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ برسات *يونيورسٽي روڊ، شاهراهه فيصل، کارادر، سنڌ اسيمبلي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين روڊن تي پاڻي بيٺل هجڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش*

ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، جوهي، راڌڻ ۾ زلزلي جا لوڏا: مرڪز دادو جو اتر اولهه ۾ 45 ڪلو ميٽر پري هيو

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، جوهي، راڌڻ، واهي پانڌي، ڪڪڙ، ٽنڊو رحيم ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. ميهڙ ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ 8 لڳي 34منٽن تي 3منٽن تائين زلزلي جا جهٽڪا محسوس ٿيا. ميهڙ واسين رشيد بروهي ۽ الله بخش مغيري صحافين کي ٻڌايو ته اسان گهرن ۾ ستا پيا هياسين ته گهرن جا پکا ۽ ڪٻٽ لڏڻ شروع ٿي ويا ٽن منٽن تائين لڏندا رهيا ۽اسان خوف وچان گهرن جي ڪمري مان نڪري آياسين، جاني مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آھن. ميٽرولاجيڪل ڊپارٽمينٽ موجب زلزلي جو مرڪز دادو جو اتر اولهه ۾ 45 ڪلو ميٽر پري هيو .

Bookmark the permalink.