تازا ترين
  • *سکر: وفاقي حڪومت جون مھانگائي گھٽ ڪرڻ لاءِ دعوائون ڌوڙ، دال جو اگهه مرغي برار ٿي ويو *سکر: يوٽيلٽي ڪارپوريشن 200کان وڌيڪ شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي *سکر: ڪوڪنگ آئل 10 ليٽر تي 200 کان 250 روپين تائين اضافو *سکر: دال ماش جي في ڪلو قيمت 15روپين جي اضافي کانپوءِ 250 روپيا ٿي وئي*
  • *روهڙي: فرانس ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ناموسِ رسالت ريلي ڪڍي وئي، سوين ماڻهو شريڪ *روهڙي: ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن جي فرانس حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي *
  • قومي اسيمبلي جي اجلاس مان اپوزيشن ميمبرز جو واڪ آئوٽ *قومي اسيمبلي جو اجلاس، اپوزيشن پاران ڪورم جي نشاندهي *اسان چاهيون ٿا ايوان کي رولز جي مطابق هلايو وڃي: نويد قمر *اسان کي ٻڌايو وڃي ته اسان ڪهڙي رولز جي خلاف ورزي ڪئي آهي: اسپيڪر*
  • *لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ “ڪورونا کان ڊڄڻو ناهي وڙهڻو آهي” جي سلوگن خلاف ڪيس جي ٻڌڻي*چيف جسٽس پاران اسلامڪ آڊيلوجي ڪائونسل جي تجويز ڪابينا ۾ پيش نه ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار *عدالت وفاقي مذهبي معاملن واري سيڪريٽري اطلاعات کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو *وفاقي ادارن جي ماڻهن کي چئو ڪم ڪن يا وري نوڪريون ڇڏي هليا وڃن: چيف جسٽس*
  • *گهوٽڪي ۾ گستاخ خاڪا شايع ٿيڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار جي سڏ تي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ، احتجاج *گهوٽڪي: احتجاج سبب ڪو به وڪيل عدالت ۾ نه پيش نه ٿيو *پاڪستانين کي فرانس جي شين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي: اڳواڻ*
  • *مٺي: وڏو وزير مراد علي شاهه اڄ ننگرپارڪر پهچي ڪاليداس ڊيم جو افتتاع ڪندو*وڏو وزير ميرپورخاص ڊويزن جي چونڊيل نمائندن ۽ پ پ عهديدارن سان گڏجاڻي ڪندو*
  • *احتساب عدالت ۾ ميگا مني لانڊرنگ ۽ پارڪ کين ريفرنس تي ٻڌڻي*اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري اپيل داخل*بلال شيخ، عيدل شاهه راشدي سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش*
  • *ڪنڌڪوٽ ويجهو ويگو گاڏي جي ٽڪر ۾ ڌنار نينگر فوت *13ورهين جي الهيار قمبراڻي جو لاش سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي*
  • *حيات پتافي: ڪراچي روزگار لاءِ ويل نوجوان 8 ڏينهن کان گم، اغوا جو شڪ *شاهه رخ ڪراچي پورهئي لاءِ ويو هو، سندس ڪو ڏس پتو ناهي: پيءُ محمد علي منگي *ڪنهن سان ڪا دشمني ناهي، شڪ آهي ته پٽ کي اغوا ڪيو ويو آهي: پيءُ*
  • *اسلام آباد: صدارتي ريفرنس، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ ٻين جي نظرثاني اپيل تي ٻڌڻي *عدالت درخواستگذارن جي درخواست منظور ڪري ورتي *درخواستگذارن ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي اپيل داخل ڪرائي هئي*

دادلوءِ پوليس پاران نوجوان ڏوهاري ڄاڻائي قتل، تشدد جي نشانن مقابلو شڪي ڪري ڇڏيو

پنوعاقل (رپورٽ: نديم بوزدار): پنوعاقل جي دادلوءِ ٿاڻي جي پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪندي ھلندڙ مھيني ۾ وڌيڪ ھڪ نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي سکر عرفان سمون جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڏوھارين جو ٽولو موٽروي تان ماڻھن کي اغوا ڪرڻ جي سلسلي ۾ دادلوءِ ڀرسان اچي رھياو ھو ته ڳجھي اطلاع تي دادلوءِ پوليس اڳ ورتو، جنھن بعد ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد جوابي فائرنگ ۾ جوابدار مارجي ويو، جڏھن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ترجما موجب مارجي ويل ڏوھاري وٽان ڪلاشنڪوف ڪو پڻ ھٿ آئي آھي. جنهن جو تعلق لاڏو تيغاڻي جي ٽولي سان آھي ۽ گھڻي وقت کان ڀنگ لاءِ اغوا ۾ ٽولو سرگم آھي، مارجي ويل جوابدار جي لاش کي پوليس تعلقي اسپتال پنوعاقل کڻائي پھتي جتي نوجوان جي والده اچي پٽ جي سڃاڻپ ڪئي، نوجوان جي امڙ موجب پٽ ڏوھاري ناھي ڪجھ وقت ۾ پٽ جي شادي رٿيل ھئي جنھن ڪري ھو ساھرن وٽ رھندو ھو اچانڪ ٽي ڏينهن اڳ گم ٿي ويو ۽ پوليس ان کي ماري ڇڏيو آھي. پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي پٽ کي ماريو آھي، نوجوان جي سڃاڻپ سندس والده ڪشمور واسي اعجاز عرف ڪرم الدين سبزوئي طور ڪئي، ٻئي پاسي ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته نوجوان کي پڪڙي تشدد ڪرڻ بعد ماري پوليس مقابلي جي دعويٰ ڪئي آھي، مارجي ويل نوجوان جي لاش کي جڏھن اسپتال آندو ويو ته نوجوان جي پٺئين پاسي ويھڪ واري جاءِ تي سچو پترن سان تشدد ٿيل ھو، نوجوان مٿان ٿيل اھڙي تشدد پوليس مبينا مقابلي کي شڪي بڻائي ڇڏيو آھي.

Bookmark the permalink.