تازا ترين
  • *قمبر: ميراڻي محلي ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب پنج گهر سڙي رک ٿي ويا *باهه سبب محمد خان، سڪندر، عبدالغني، عمر ۽ گل محمد ميربحر جا گهر سڙي رک *باهه سبب پنج موٽر سائيڪلون، ھنڌبسترا، اناج ۽ ٻيو سامان سڙي ويو: متاثر*
  • *نصيرآباد جي ڊاڪٽر ڪمليش کي ڪورونا وائرس جي تصديق* ڪورونا رپورٽ پازيٽو اچڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاڻ کي گهر ۾ آئسوليٽ ڪري ڇڏيو*
  • *مدئجي ۾ پيراميڊيڪل اسٽاف پاران شڪارپور پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو *پيراميڊيڪل اڳواڻ اورنگزيب شر جي موٽرسائيڪل چوري ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو *سول اسپتال شڪارپور مان سازش تحت موٽرسائيڪل چوري ٿي آهي: اڳواڻ *
  • *هالاڻي ويجهو زمين جي معاملي تان مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي *ڳوٺ احمد خان گوپانگ ۾ جهيڙي دوران ڌرين لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو *جهيڙي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو *
  • *سنڌڙي ڀرسان بااثر پورهيت کي تشدد ڪرڻ کانپوءِ هٿ پير ٻڌي واهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل*
  • *پي آءِ ڊي بم ڌماڪو: بري ٿيل جوابدار کي ايم پي او تحت بند ڪرڻ خلاف درخواست تي سنڌ پوليس ۽ آءِ جي جيل کان تفصيل طلب*
  • *سرحد واسي پوليس اهلڪار سکر ۾ ڊيوٽي دوران فوت ٿي ويو*
  • *ٺڪراٺو: ڳوٺ جان محمد مهتم واسي عورتن جو پوليس جي مبينا تشدد خلاف احتجاج *زخمي مائي جيوڻ، رخسانه، موران، گل خاتون ۽ ٻين عورتن جي پوليس خلاف نعريبازي *پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي 8 بيگناهه ڳوٺاڻن کي کنڀي وئي: عورتون*
  • *صالح پٽ پوليس پاران عيد ڏهاڙي داد لغاري مان اغوا ٿيل پورهيت بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ*
  • *ڄام نواز علي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، پني عاقل ۾ به نوجوان قتل*

دادلوءِ پوليس وڌيڪ هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

پنوعاقل (ن پ ا) دادلوءِ پوليس وڌيڪ هڪ ڄڻي کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو آهي، زخمي نوجوان جو چوڻ آهي ته کيس منجهند جو گرفتار ڪرڻ بعد رات جو گولي هڻي مقابلو ڄاڻايو ويو آهي. پوليس موجب دادلوءِ ويجهو مولالئي واري علائقي ۾ڏوهارين جي گرفتاريءَ لاءِ آپريشن ڪيو ويو ته هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڏوهارين سان مقابلي دوران گوليون لڳڻ سبب هڪ پوليس اهلڪار نثار بلو پڻ زخمي ٿي پيو آهي. پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ ڏوهاري احسان مهيسر کي زخمي حالت ۾گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ جوابدار فرار ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار مٿان مختلف ٿاڻن تي 6 ڪيس داخل آهن، سندس قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. هوڏانهن زخمي ٿيل نوجوان احسان مهيسر جو چوڻ هو ته کيس منجهند جو گرفتار ڪري رات جي وقت گولي هڻي مقابلو ڄاڻايو ويو آهي.

Bookmark the permalink.