تازا ترين
  • *28 سيپٽمبر کان اسڪول کولڻ جو اعلان، ڪراچي واسين ايم ڪيو ايم جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي: سعيد غني*
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

خيرپور ۾ پبلڪ هيلٿ ملازم کي پگھار نه ملڻ جو نوٽيس، مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت

خيرپور (رپورٽر) ڊي سي خيرپور ڳوٺاڻي کي پگهار نه ملڻ جو نوٽيس وٺندي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي ليٽر جاري مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي تعلقه ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ مٺڙي جي رهواسي محمد قاصد ولد طالب علي رڏ جي درخواست تي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر کي ليٽر جاري ڪندي سندس مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ڳوٺاڻي پنهنجي درخواست ۾ ڄاڻايو هو ته هن کان پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ وارن مالهي، چوڪيداري ۽ آپريٽر جي ڊيوٽي ورتي پر ان جون پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن. ان ڪري کيس پگهارون ڏياري سندس مسئلو حل ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.