تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

خيرپور ۾ ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، عورت ٿڏي تي فوت

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ڪرم آباد ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار 45 ورهين جي مسمات عجيبان زال محمد عيسيٰ ڪٽوهر ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس ٻه پٽ 10 ورهين جو محمد عمر ڪٽوهر، 14 ورهين جو محمد ادريس ۽ ڏير 28 ورهين جو غلام مرتضيٰ پٽ غلام رضا شيخ زخمي ٿي پيا. واقعي بعد فوتڻ جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال خيرپور پهچايو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد فوتڻ جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين جو علاج جاري آهي. هوڏانهن ٻٻرلوءِ پوليس ٽرالر ڊرائيور کي ٽرالر سميت گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته فوتڻ عورت ۽ زخمي موٽر سائيڪل تي سوار ٿي ڳوٺ غلام رضا ڪٽوهر کان سکر طرف وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو.

Bookmark the permalink.