تازا ترين
  • *صوبائي وزير سعيد غني پاران ڪراچي جي اسڪولن جو دورو، ايس او پيز تي عمل جي هدايت*
  • *مهانگائي جو نئون طوفان: 94 دوائن جي قيمتن ۾ 264 سيڪڙو واڌ: کاڄرو تيل، کير ۽ ٻارن جو کاڌو به مهانگا*
  • *لياقت آباد، ملير، قائد آباد، گلشن اقبال،گلستان جوهر، ڪلفٽن، کارادر، لياري ۾ بجلي ناياب*
  • *سنڌ ۾بجلي جو بدترين بحران، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جو عذاب جاري*

خيرپور ۾ هڪ مختيارڪار جا وارنٽ جاري، ٻئي کي شوڪاز نوٽيس

خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت شوڪاز نوٽيس کي اهميت نه ڏيڻ ۽ عدالتي حڪمن تي عمل نه ٿيڻ تي مختيارڪار خيرپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي مختيارڪار ڪنگري ۽ اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايچ او کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي سيشن جج مشتاق احمد لغاري جي عدالت اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او بدرالدين ڀٽو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري کيس عدالت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن فورٿ سول جج راجا مشهود حسين قريشي جي عدالت پڻ عدالتي حڪمن جي تعميل نه ڪرڻ تي مختيارڪار ڪنگري خلاف شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فرسٽ اسسٽنٽ سيشن جج شفيق الله ميمڻ جي عدالت شوڪاز نوٽيس کي اهميت نه ڏيندڙ خيرپور جي مختيارڪار خلاف سڌي فرياد ۾ کيس جوابدار ڄاڻائي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪندي اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي حڪم ڏنو آهي ته کيس گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرايو وڃي.

Bookmark the permalink.