تازا ترين
  • *حڪومت مخالف تحريڪ ۾ استعيفائن جو آپشن آخري هوندو، گرفتاريون معنيٰ نٿيون رکن: يوسف رضا گيلاني*
  • *نيب هٿان گرفتار شهباز شريف لاهور جي احتساب عدالت آڏو پيش*ليگي اڳواڻ ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن به عدالت پهچي ويا، پارٽي قيادت جي حمايت ۾ مظاهرو*
  • شهباز شريف جي گرفتاري بعد مخالف ڌر سرگرم: پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جو اجلاس اڄ ٿيندو

خيرپور ۾ ميونسپل جي نوڪري مان برطرفي خلاف ملازم جو احتجاج

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ چنا ڳوٺ جي رهواسي چار معذور ٻارن جي پيءُ نوڪري مان برطرف ڪرڻ ۽ گذريل 6 مهينن جي پگهار نه ڏيڻ خلاف پنهنجي ڪٽنب سميت سيشن ڪورٽ روڊ تي احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي. ان موقعي تي مجاهد چنا ٻڌايو ته سندس ميونسپل ڪاميٽي ۾ گذريل 8 سالن کان ڪچي نوڪري هئي 6 مهينا اڳ بلا جواز کيس نوڪري مان ڪڍي بيروزگار ڪيو ويو آهي جڏهن ته 6 مهينن جي رهيل پگهار به مون کي نه ڏني وئي آهي. هن چيو ته مون کي ست ٻار آهن جن مان چار ٻار نادر علي، ضمير احمد، راهب ۽ مينا معذور آهن، بيروزگاري ۽ غربت سبب انهن جو علاج ڪرائڻ کان به قاصر بڻيل آهيان. هن سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته مون مسڪين جي نوڪري بحال ڪري مون کي رهيل پگهارون ڏنيون وڃن ته جيئن مان پنهنجي معذور ٻارن جو علاج ڪرائڻ سگهان ۽ منهنجي گهر جو گذر سفر ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.