تازا ترين
  • *اين سي او سي جي هدايت تي سنڌ ۽ پنجاب سرڪار عوامي اجتماعن جي حوالي سان اخلاقي ضابطه جاري ڪري ڇڏيا*
  • *ٻنهي جهانن جَي سردار حضرت محمد ﷺ جن جِي ولادت جو اڄ جشن ملهايو پيو وڃي، عاشقن طرفان دُرود ۽ سلام سان نبي ڪريم ﷺ کي ڀيٽا پيش*

خيرپور ۾ غير حاضر ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ 45 اهلڪار معطل

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جو اردلي روم ڪيو. ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور آفيسرن ۽ اهلڪارن جا مسئلا ٻڌا ۽ بروقت حل ڪيا جڏهن ته ڊيوٽي کان مسلسل غير حاضر رهڻ ۽ پنهنجي فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ 45 کان وڌيڪ پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو جڏهن ته کين ڪوارٽر گارڊ ڪرڻ سان گڏ ايڪسٽرا ڊرل جون سزائون پڻ ڏنيون. ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي چيو ته جيڪو به پوليس اهلڪار سٺو ڪم ڪندو ان کي انعامن سان نوازيو ويندو ۽ جيڪو فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندو ان خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪئي ويندي.

Bookmark the permalink.