تازا ترين
  • *ڌرڻن دوران اڌ رات جو پيغام مليو ته استعيفيٰ ڏيو نه ته مارشلا لڳي سگهي ٿو، مون چيو استعيفيٰ نه ڏيندس، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪيو: نواز شريف*سليڪٽيڊ وزيراعظم کي آڻيندڙ اصل ذميوار آهن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي کي لکئي جو ليک سمجهي ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهون*اڄ پارليامينٽ کي چونڊيل نمائندن بدران ڪو ٻيو هلائي رهيو آهي: نواز شريف جو لنڊن مان پارٽي جي سي اي سي کي وڊيو خطاب*
  • *نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر گرفتاري وارنٽس وصول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو*
  • *اسان نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو، جوابدار سڄي نظام کي شڪست ڏئي پرڏيهه هليو ويو: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ*هاڻي جوابدار ٻاهر ويهي کلندو هوندو ته ڪيئن سموري نظام کي دوکو ڏنو، هي انتهائي شرمناڪ رويو آهي*

خيرپور ۾ دوڙ واسي جو مهيني کان سردخاني ۾ لاش پيل، وارثي نه ٿي سگهي

خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ هڪ مهينو اڳ ٻٻرلوءِ ٿاڻي جي حد ۾ درگاهه تان ضلعي شهيد بينظير آباد جي دوڙ تعلقي جي ڳوٺ حاجي فتح الدين جٽ جي رهواسي گلزار احمد جٽ جو لاش سول اسپتال جي مرده خاني پيل هجڻ جي باوجود سندس وارثي نه ٿي سگهي آهي. ياد رهي ته هڪ مهينو اڳ ٻٻرلوءِ شهر ۾ درگاهه تان گلزار احمد جٽ جو لاش هٿ آيو هو جنهن کي سول اسپتال آندو ويو هو جيڪو مسلسل هڪ مهينو مرده خاني ۾ پيل هجڻ جي باوجود سندس ظاهر نه ٿيا آهن. سول اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته هڪ مهينو گذرڻ جي باوجود مرحوم جو ڪوبه وارث نه پهتو آهي جنهن ڪري سندس تدفين نه پئي ڪئي وڃي. هنن سول سوسائٽي کي اپيل ڪئي ته مرحوم جي وارثن سان رابطو ڪري مرحوم جي فوتگي بابت اطلاع ڏنو وڃي ته جيئن سندس لاش جي تدفين ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.