تازا ترين
  • *خيرپورناٿن شاهه ويجهو نوجوان مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو *ڳوٺ ڪريم داد لنڊ واسي ساجد جمالي گهر اندر مبينا ڦاهو کائي آپگهات ڪيو *
  • *ڏاهلي تعلقي ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 14ڪيس ظاهر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن ۾ ڪورونا جي متاثرن جو انگ143ٿي ويو*
  • *ٻانڌي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 7ڪيس ظاھر، متاثرن جو انگ وڌي11 ٿي ويو *سمورا متاثرن پنهنجي گهرن اندر آئيسوليٽ *3ڏينھن اڳ رورل ھليٿ سينٽر جي ملازمن سميت 50ماڻھن جا سيمپلز ورتا ويا هئا *7ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي آهي: صحت کاتو*
  • *سکر: سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد ۽ اسمگلنگ ۾ ملوث جوابدارن خلاف نيب جي ڪارروائي *ڪڻڪ اسمگلنگ جي الزام ھيٺ نوشھرفيروز مان 3 ڄڻا گرفتار: نيب ذريعا *گرفتار ٿيلن ۾ عظيم آرائين، جمعا خان ۽ منور شامل آهن: نيب ذريعا *گرفتار جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ جو الزام آهي: نيب ذريعا *
  • *جيڪب آباد ۾ مقتول نوجوان اسلم شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪيل احتجاج تي پوليس جي ڪاهه *پوليس مقتول نوجوان جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن کي موبائل ۾ کنڀي کڻي وئي *
  • *ڪي اليڪٽرڪ کي واڌو گئس جي فراهمي باوجود بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جاري *ملير، شاهه فيصل، ڪورنگي، قائد آباد، ناظم آباد، ڊفينس ۽ ٻين علائقن ۾ لوڊشيڊنگ *
  • *قاضي احمد ۾ وڌيڪ19 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق، متاثرن ۾ 5 عورتون به شامل *هڪ ڏينهن اڳ 86 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا هئا، 19ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي *
  • *نئون ڪوٽ: مٺي روڊ تي ٻن چنگچي رڪشائن وچ ۾ ٽڪر، 4 ڄڻا زخمي *اعواڻ پيٽرول پمپ ڀرسان ٻن چنگچي رڪشائن ۾ ٽڪر ٿيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ عمران راجپوت، عاقل، دانش راجپوت ۽ صداقت راجپوت شامل *

خيرپور ڀرسان پوليس جي ڪارروائي، شراب سان ڀريل ويگو گاڏي هٿ، 3 ڄڻا گرفتار

خيرپور (ن پ ا) خيرپور ويجهو پوليس ڪارروائي ڪري شراب سان ڀريل ويگو تحويل ۾ وٺي ڇڏي، جڏهن ته ٽن جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو آهي. ٺيڙھي پوليس باءِ پاس تان گذرندڙ ويگو کي روڪڻ جو اشارو ڏنو، ڊرائيور پاران گاڏي نه بيهارڻ تي پوليس فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪيترن ئي دوڪانن سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ڪيترن ئي دوڪانن کي نقصان رسيو. ڪارروائي دوران ايڪسائيز ۽ موٽر وي پوليس به پھچي وئي، جنهن بعد ويگو کي تحويل ۾ وٺي 3 جوابدارن کي به گرفتار ڪيو ويو.

Bookmark the permalink.