تازا ترين
  • ڪراچي ۾ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن تي واپاري ۽ شهري کي اغوا ڪرڻ جا 2 ڪيس داخل*
  • ايف بي آر انڪم ٽئڪس ريٽرن جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 8 ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي*
  • ايف آءِ اي شگر ملز اسڪينڊل ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين کي اڄ طلب ڪري ورتو*
  • نيب ڪرپشن الزام هيٺ جليل الزمان کي گرفتار ڪري ورتو*تعلقي ناظم مخدوم حبيب الله پرويز مشرف جي دور ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي: نيب ذريعا*

خيرپور واسي ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل نينگر سميت 6 ڄڻا بازياب نه ٿيا: ڌاڙيلن مغوي جي وارثن کان هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ڀنگ جو مطالبو

ڌاڙيل ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي: مغوين جا وارث

ڌاڙيل ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي: مغوين جا وارث

ڌاڙيل ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ مغوين کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي: مغوين جا وارث
خيرپور(رپورٽر) ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل خيرپور واسي 12 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيا. ڌاڙيلن مغوي زاهد پلهه جي فون تان سندس وارثن سان فون تي رابطو ڪري هڪ ڪروڙ 20 لک رپيا ڀنگ جي گهرُ ڪئي وئي. مغوين جي وارثن موجب ڌاڙيلن رابطو ڪري ڳڙي رقم ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ سندن پيارن کي قتل جي ڌمڪي ڏني وئي آهي. دعوت ڏئي ڪنڌڪوٽ گهرائي ميرڻ عرف امير بخش، زاهد، ساجد پلهه، غلام قادر چنو، ٽيڪسي ڊرائيور اشرف سولنگي ۽ 6 ورهين جو نينگر شهاب الدين پلهه کي اغوا ڪيو ويو هو. ڌاڙيلن پاران فون ڪري ڀنگ گهرڻ واري عمل کان پوءِ وارثن ۾ روڄ راڙو متل آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان مغوين جي بازيابيءَ جو مطالبو ڪيو آهي.

Bookmark the permalink.