تازا ترين
  • *ڪشمير هر پاڪستاني جي دل ۾ ڌڙڪندو آهي ۽ وزيراعظم ڪشمير جو ڪيس هڪ نئين رخ ۾ پيش ڪيو: ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار آفريدي * ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين شهريار آفريدي لائن آف ڪنٽرول تي چَڪوٺِي سيڪٽر جو دورو ڪيو * جي او سي ميجر جنرل عامر احسن نواز شهريار آفريدي کي ايل ايو سي جو دورو ڪرايو ۽ بريفنگ ڏني *
  • *ڪراچي جهاز حادثي جي جاچ ٽيم واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري فرانزڪ لاءِ نمونا گڏ ڪري ورتا * ڪراچي: رينجرز جهاز حادثي ۾ هٿ آيل سامان پي آءِ اي اختيارين حوالي ڪري ڇڏيو *ڪراچي: قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حادثي واري هنڌ کي مڪمل طور تي سيل ڪري رکيو آهي *
  • *ڪراچي: پنجاب مان آيل ٽيم جهاز حادثي بابت جاچ لاءِ آئي آهي، ان جو مڙهن جي سڃاڻپ سان ڪو تعلق نه آهي: سنڌ جي صحت واري وزير عذرا پيچوهو * ڪراچي: گورنر عمران اسماعيل پيش آيل سانحي تي سياست ڪرڻ ۽ بيان بازي کان پاسو ڪري: عذرا پيچوهو * ڪراچي: عمران اسماعيل کي ڄاڻ ئي نه آهي ته ڪراچي ۽ ڄامشوري ۾ فارنزڪ ليب موجود آهي: صحت واري وزير *
  • *لاڙڪاڻو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه ۾ فون تي رابطو * لاڙڪاڻو: مراد علي شاهه جي جهاز حادثي بعد امدادي ڪمن ۽ ڪورونا جي صورتحال بابت آگاهي لاڙڪاڻو: * بلاول ڀٽو زردار طرفان ٻارن ۾ ڪورونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي جو اظهار
  • *ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ شراب جا گتا کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي * ڪراچي: نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ عيد جي ٽئين ڏهاڙي کان شراب جا گتا کلي ويندا * ڪراچي: شراب جا گتا کولڻ لاءِ ڪورونا وائرس کان بچاءَ بابت احتياطي اپائن لاءِ قاعدا ۽ ضابطا پڻ جوڙيا ويا *
  • *صوبائي خودمختياري خلاف ڳالهائيندڙن جي دماغ جو مٿيون پاسو خالي آهي: مولا بخش چانڊيو*
  • *منهنجو دوست شهباز شريف خطري ۾ آهي، کيس مشورو آهي ته نيب ۾ وڃي پيش ٿئي: شيخ رشيد*
  • *مان چاهيان ٿو ته عوام هن ڀيري روايت کان هَٽِي ڪري عيد ملهائَي: وزيراعظم*
  • *عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي*

خيرپور ميڊيڪل ڪاليج ٻيهر بحران جو شڪار، 500 کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو

پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل پاران ڪاليج جي رجسٽريشن رد ڪرڻ بعد خيرپور جي عوام ۾ تاءُ پکڙجي ويو

سنڌ سرڪار پاران فنڊ جاري نه ڪرڻ سبب ڪي ايم سي انتظاميا قانوني گهرجون پوريون نه ڪري سگهي

خيرپور (رپورٽ: عرفان ڦلپوٽو) پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل پاران خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن رد ڪرڻ بعد خيرپور جي عوام ۾ سخت تاءُ، خيرپور جا سياسي هائوس خاموش تماشائي بڻجي ويا، ڪي ايم سي هڪ ڀيرو ٻيهر بحران جو شڪار، سوشل ميڊيا تي خيرپور جي سياسي ڌرين مٿان سخت تنقيد. خبر موجب پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل پاران خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن رد ڪرڻ بعد خيرپور جي شهرين، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، واپارين ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن ۾ سخت تاءُ پکڙجي ويو آهي جڏهن ته ڪي ايم سي جي رجسٽريشن رد ٿيڻ کان پوءِ ڪي ايم سي هڪ ڀيرو ٻيهر بحران جي ور چڙهي ويو آهي ۽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ 500 کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل پڻ داءَ تي لڳي ويو آهي. ڪي ايم سي جي رجسٽريشن رد ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن جا والدين سخت پريشان ٿي ويا آهن. هاءِ ڪورٽ پاران پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن کي ختم ڪري ٻيهر پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل کي فعال بنائڻ کان پوءِ خيرپور ميڊيڪل جي رجسٽريشن رد ڪري ڇڏي پر رجسٽريشن وارو سمورو ڪريڊٽ کڻندڙ سيد قائم علي شاهه، نواب وساڻ ۽ ڊاڪٽر نفيسه شاهه خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن رد ٿيڻ کان پوءِ مڪمل طور تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن کان پوءِ خيرپور جي سماجي اڳواڻن، واپارين ۽ ساڃاهه وندن سوشل ميڊيا تي سياسي اڳواڻن مٿان سخت تنقيد وارو سلسلو شروع ڪري ڏنو آهي. خيرپور: پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل پاران خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن رد ڪرڻ کان پوءِ ڪاليج ۾ پڙهندڙ 500 کان وڌيڪ شاگردن، شاگردياڻين ۽ انهن جي والدين ۾ سخت مايوسي پکڙجي وئي آهي. والدين جو چوڻ آهي ته سنڌ سرڪار جي بي ڌياني ۽ غفلت سبب ڪي ايم سي جي رجسٽريشن رد ڪئي وئي آهي ڇوته پاڪستان ميڊيڪل ڊينٽل ڪائونسل پاران بار بار ڪي ايم سي جي انتظاميا کي گهربل تقاضائون پوريون ڪرڻ جون هدايتون ڪندي رهي پر سنڌ سرڪار پاران فنڊ جاري نه ڪرڻ سبب ڪي ايم سي جي انتظاميا اُهي گهربل ضرورتون پوريون نه ڪري سگهي جنهن سبب پي ايم ڊي سي پاران رجسٽريشن رد ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳي ويو آهي. تنهن ڪري سنڌ سرڪار ۽ ضلعي جا چونڊيل نمائندا سنجيدگيءَ سان ڪي ايم سي جي رجسٽريشن واري معاملي ۾ ڪردار ادا ڪن ٻي صورت ۾ اسان پنهنجي ٻارن سان احتجاجي تحريڪ ۾ شامل ٿينداسين.

Bookmark the permalink.